Tuesday , April 23 2024

سنڌ اسيمبلي:امداد پتافي هڪ ڀيرو وري عورت ميمبر کي نامناسب لفظ ڳالهايا، ايوان لاءِ ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪونه…!!

ڪراچي (اصغر آزاد-سنڌسماءَچار) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي عورت ايم پي ايز سان غير مناسب لفظن سان مخاطب ٿيڻ پ پ جي ايم پي ايز ۽ وزيرن خاص طور تي امداد پتافي لاءِ ڄڻ ته ضروري ٿي پيو آهي، جيڪڏهن هُو ائين نه ڪري ته ڄڻ سندس سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ حاضري ئي نه ٿي لڳي يا سندس وزارت کسجڻ جو خطرو هجي.

ورڪس اينڊ ڪميونيڪشن کاتي جي صوبائي وزير امداد پتافي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرجيل ميمڻ جي گرفتاري تي نيب خلاف مذمتي ٺهراءَ واري معاملي تي ڳالهائڻ دوران مخالف ڌر جي عورت ايم پي کي هڪ ڀيرو وري نامناسب لفظ ڳالهايا. نيب خلاف مذمتي ٺهراءَ تي جڏهن پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي عورت ايم پي نصرت سحر عباسي ڳالهائيندي ڳالهائيدي چيو ته، اوهان (امداد پتافي) شرجيل ميمڻ جي گرفتاري وقت ڀڄي رهيا هئا. جنهن تي صوبائي وزير امداد پتافي ڪاوڙجي پيو. امداد پتافي نصرت سحر عباسي کي جواب ۾ چيو ته، ” پڻهين ڀڳو هو“.  هڪ عورت ايم پي اي سان اهڙي قسم جا لفظ ڳالهائڻ تي ڪنهن به ميمبر امداد پتافي جي اهڙن لفظن تي احتجاج نه ڪيو ۽ نه ئي ڪسٽوڊين آف دي هائوس ان جو نوٽيس ورتو.

ياد رهي ته ڪجهه مهينا اڳ به سنڌ اسيمبلي جي اجلاسس دوران ئي، امداد پتافي ساڳئي عورت ايم پي سان غيرپارلياماني لفظن سان مخاطب ٿيندو رهيو آهي. جنهن بعد عوام جي سخت ردعمل ۽ ميڊيا تي مامرو اچڻ سبب امداد پتافي نصرت سحر عباسي کان سنڌ اسيمبلي جي ايوان اندر معافي وٺي کيس مٿي تي پوتي رکي ڀيڻ قرار ڏئي معافيون ورتيون هيون. جنهن بعد اهو ماعملو ختم ٿي ويو هو

امداد پتافي جا چيل لفظ – لنڪ تي ڪلڪ ڪيو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *