Friday , March 29 2024

سنڌ اسيمبلي، اسپيڪر آغا سراج دراني اپوزيشن کي ايڊز معاملي تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جي جمعي ڏينهن ٿيل اجلاس دوران مخالف ڌر پاران لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ايڊز جو مرض وبائي صورت ۾ ظاهر ٿيڻ واري معاملي تي مخالف ڌر پاران ڳالهائڻ جي اجازت گهري وئي ته، اسپيڪر آغا سراج دراني اپوزيشن کي ان معاملي تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني ۽ پ پ پ ايم پي ايز به ان جي مخالفت ڪئي، جنهن تي اپوزيشن سخت احتجاج ڪيو، جنهن دوران سنڌ اسيمبلي جو ايوان سبزي منڊي جو ڏيک ڏيڻ لڳو. اپوزيشن ميمبرز اسپيڪر جي ڊائيس آڏو پهچي نعريبازي ۽ گوڙ ڪندا رهي، پ پ ايم پي ايز پنهنجين سيٽن تي بيهي گوڙ ڪندا رهيا، اپوزيشن ۽ جي گوڙ دوران حڪومتي ڌر پاران جيل کاتي ۾ سڌارن بابت بل پيش ڪيو ويو، جنهن کي اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو.

اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ حڪومت ۽ مخالف پارٽي جي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ به ٿي، تحريڪ انصاف جي حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ ۾ ايڊز اهم مسئلو آهي جنهن تي اسان کي ڳالهائڻ ڏنو وڃي، جنهن جي جواب ۾ اسپيڪر آغا سراج دراني هن کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني، اسپيڪر چيو ته، اسيمبلي جي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ توهان ٺهراءَ کڻي اچو. حليم عادل شيخ اعتراض واريو ته توهان هر وقت اسان کي روڪي ڇڏيندا آهيو. ان تي اسپيڪر حليم عادل کي ڀڙڪي کائيندي چيو ته توهان آرام سان ڳالهائيندا ڪريو، مان توهان کي اجازت نه ٿهو ڏئي سگهان، ايڊز جي مسئلي تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي مخالف ڌر سخت نعري بازي ڪئي ۽ اسيمبلي ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو،ان دوران ايوان ايڊز جو جواب ڏيو ايڊز جو جواب ڏيو جو جي نعرن سان گونجڻ لڳو. مخالف ڌر ميمبرن ڊائس جو گھيراءُ ڪندي روسٽرم تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر حڪومتي ميمبرن هنن کي روڪي ڇڏيو جنهن تي حليم عادل ۽ پ پ جي ممتاز جکراڻي وچ ۾ منهن ماري به ٿي، اهي ذري گهٽ هٿين پئجي وئي، پي ٽي آءِ ۽ پ پ جي ٻين ميمبرن به هڪ ٻئي تي سخت جملن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي. واضح رهي ته لاڙڪاڻي جي عالائقي رتيديري ۾ پراسرار طور ايڊز پکڙجي ويو آهي ۽ هان وقت تائين 534 ماڻهن ۾ ايڇ آءِ وي جي تصديق ٿي چڪي آهي جن مان 70 سيڪڙو ٻار آهن جن جون عمريون 2 کان 5 ورهين جي وچ واريون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *