Thursday , March 28 2024

سنڌي ادبي سنگت جا مرڪزي عهديدار تنظيم کي ذاتي مفادن خاطراستعمال ڪن پيا…؟

ڪراچي (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ ادبي سنگت جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري پنهنجي عهدي تان اهو سبب ڄاڻائيندي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، نسرين الطاف جو چوڻ آهي ته،  ”سنڌ ادبي سنگت جا مرڪزي اڳواڻ تنظيم کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.

سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري نسرين الطاف سوشل ميڊيا ذريعي استعيفيٰ ڏيندي اسٽيٽس رکيو آهي ته، ”مان پنهنجو هي اسٽيٽس انتهائي ڏک تڪليف ۽ ڀوڳنائن ۾ لکي رهي آھيان. مان سنگت لاءِ شاندار خواب ۽ اميدون کڻي هن عمل جي ميدان ۾ آئي هيس ته سنگت ۾ نئون روح ڦوڪي سنگت کي نوان گس ڏئي نئين روايتن تحت پنهنجي وڏڙن جي هن عظيم ادبي تنظيم کي گڏجي هلائينداسين، پر مان اڄ پنهنجي ٽٽل دل ۽ ڳوڙھن ڀريل اکين سان ۽ ڏکارن لفظن سان لکي رهي آھيان ته سنگت جا مرڪزي عهديدار پنهنجن ذاتي اختلافن ۽ انائن جي بنياد تي سنڌي ادبي سنگت جي ڪاز کي نقصان پهچائي رهيا آھن،مان تمام گهڻي سوچ ۽ ويچار کان پوء فيصلو ڪيو آھي ته، مان پنهنجي مرڪزي عورت جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تان استعيفا ڏيان ته جيئن تاريخ ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي تباهيءَ جي ذميواريءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ مان شريڪ نه هجان.اڄ کان مونکي سنڌي ادبي سنگت مرڪز کان الڳ سمجهيو وڃي. جيڪڏهن ڪنهن کي ب مونکان ڪا تڪليف يا ڪو ڏک پهتو هجي ته مان معذرت ٿي گهران.“

نسرين الطاف

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *