Thursday , April 18 2024

سنڌو درياءَ جي کاٻي ڪناري آباد سنڌ سميت ملڪ جي 6 ڪروڙ انسانن جي حياتي خطري ۾…!!

Arsenic 05

صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ پيئڻ جي پاڻي ۾ انساني زندگي لاءِ انتهائي خطرناڪ زهريلومادو ”سينکيو“ خطرناڪ حد تائين موجود هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.  گڏيل قومن جي صحت بابت عالمي اداري ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيش world Health Organization (WHO) جي تحقيقي جنرل/ رسالي ۾ چپيل هڪ تحقيقي مضمون مطابق سنڌو درياءَ جي کاٻي ڪپ تي ۽ ملڪ جي اوڀرندي علائقن جي گهٽ ۾ گهٽ  6 ڪروڙ ماڻهن جي  زندگي خطري ۾ آهي.

Arsenic 04

صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ اوجي جاري ڪيل ان رپورٽ مطابق، پاڪستان جي مختلف علائقن مان ورتل جَرَ واري پاڻي جا 12 سئو/ ٻارنهن سئو نمونا وٺي دنيا جي مڃيل ۽ اعتماد واري ليبارٽري ۾ انهن جي چڪاس ڪئي وئي. پاڻي جي انهن نمونن جي چڪاس بعد انهن جو جيڪو نتيجو مليو اُهو انتهائي ڇرڪائيندڙ ۽ خطرناڪ ثابت ٿيو آهي. تحقيق مطابق انهن سمورن ٻارنهن سئو پيئڻ جي پاڻي جي نمونن ۾ انساني حياتي لاءِ خطرناڪ زهريلو مادو ” سينکيو “Arsenic جو مادو موجود هو.

سائنسي تحقيق مطابق سينکيو / آرسنڪ اصل ۾ هڪ مادو آهي جنهن جو ڪو به ذائقو ناهي ٿيندو. سينکئي جي خصوصيت اِها آهي ته اُهو گرم پاڻي ۾ تڪڙو حل / ملي ويندو آهي. هڪ صحت مند انسان جي موت لاءِ ان جي هڪ اونس جو سئون حصو ئي ڪافي / گنج هجي ٿو. سينکئي وارو پاڻي ڳچ عرصي تائين لاڳيتو پيئڻ سان کوڙ ساريون بيماريون لڳي سگهن ٿيون. خاص طور تي چمڙي، ڦڦڙن ۽ مثاني جي ڪينسر جون بيماريون انسان تي سولائيءَ سان حملو ڪري سگهن ٿيو.

water 000

ڊبليو ايڇ او جي معيار موجب، هڪ ليٽر پاڻي ۾ سنکئي جو وڌ ۾ وڌ مقدار 10 مائيڪرو گرام هجڻ گهرجي پر پاڪستان وري ان جو تنساب 50 مائيڪرو گرام  تائين مقرر ڪيل آهي. تحقيق موجب، سينکيو مليل پاڻي واپرائيندڙ پاڪستان جي اوڀرندي علائقن ۽ سنڌو درياهه جي ميداني علائقن ۾ رهندڙ پنج کان ڇهه ڪروڙ ماڻهن جي حياتي خطري ۾ آهي.

water 0001Arsenic 03

تحقيقي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سائنسدانن ۽ ان شعبي سان لاڳاپيل ماهرن پاڪستان ۾ سنڌو درياءَ جي اوڀر واري پاسي رهندڙ ميداني علائقن ۾ پيئڻ جو پاڻي استعمال جي اهم ۽ عام ذريعن نلڪن، کوهن ۽ جر مان پاڻي حاصل ڪرڻ جي ٻين طريقن جي پاڻي جا نمونا هٿ ڪري تحقيق ڪئي وئي. ماهرن انهن علائقن جي نقشن جي مدد سان محطاط اندازي ۾ موجب چيو آهي ته پنج کان ڇھ ڪروڙ ماڻهو اهڙُ پاڻي واپارائن ٿا جن سڀني جي حياتين لاءِ اهڙو پاڻي خطرناڪ آهي.

سوئس فيڊرل انسٽي ٽيوٽ آف ايڪوٽڪ سائنس واري شعبي سان لاڳاپيل ماهر ۽ اداري جي سرواڻ ڊاڪٽر جول پٽوسڪي جو چوڻ آهي ته پيئڻ جي پاڻي تي ڪيل هن تحقيق جي مليل نتيجن کين انتهائي حيران ڪري ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي.

سندس چوڻ آهي ته ”اسان پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ هن مسئلي منظر تي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون. ڇو ته جيالوجي، زميني مادن ۽ ٻين ماپن جي مدد سان اندازو لاڳايو ته سنڌ درياءَ سان گڏ وارن ميداني علائقن ۾ جَرَ جي پاڻي ۾ سنکيو انتهائي گهڻي مقدار ۾ موجود آهي“.Arsenic 02

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *