Friday , March 29 2024

سنڌو درياءَ تي نوان ڊيم ٺاهڻ بدران پراڻا ڊيم ختم ڪيا وڃن: پاڻي ماهر ڊاڪٽر حسن عباس

حيدر آباد( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) نامياري پاڻي ماهر ۽ انڊس ڊيلٽا بابت تحقيق ڪندڙ ڊاڪٽر حسن عباس چيو آهي ته، اسان کي پاڻي تي نئين انداز اهڙا منصوبا جوڙڻ گهرجن جنهن سان ڊيلٽا/سامونڊي پٽي کي نقصان نه ٿئي، اهڙي تجويز سپريم ڪورٽ ۾ پڻ ڏني آهي، اسان کي نوان ڊيم اڏڻ بدران پراڻا ڊيم به ختم ڪري ڪوٽڙي تائين جهاز راني جو نظام جوڙي اتي بندرگاهه جوڙيو وڃي ته اهو گوادر جي منصوبي کان به وڌيڪ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو. پاڻي ماهر ڊاڪٽر حسن عباس حيدر آباد جي هڪ مقامي هوٽل ۾ ” پاڪستان جو پاڻي بحران، ان جو حل ۽ سنڌ جو نقطئه نظر“؛ جي عنوان سان ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته، ڀارت وٽ پنهنجو ڊيلٽا ناهي،

انڊيا وٽ ڊيلٽا پنهنجي ملڪ ۾ ناهي، پر اسان کي پنهنجو تاريخي ڊيلٽا ۽ دريائي جهاز راني جو هڪ قديم نظام موجود رهيو آهي، جيڪڏهن وقت حالتن ۽ هٿرادو تبديلن سبب تباهه ٿي ويو، ان کي ٻيهر بحالي ڪري سگهجي ٿو ۽ ڪوٽڙي وٽ جهاز راني (بندرگاهه) جو مرڪرز قائم ڪري سنڌ درياءَ کي ان لاءِ استعمال ڪري سگهجيي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪوٽڙي وٽ اهڙو منصوبو جوڙيو وڃي ته اهو گوادر بندرگاهه کان به وڌيڪ ڪارائتو ثابت ٿيندو. ڊاڪٽر حسن عباس چيو ته، انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي نه وڃڻ ڪري روزاني جي بنياد تي سراسري طور تي 40 ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي رهيو آهي،جيڪو سلسلو لڳ ڀڳ 1984 کان شروع ٿيو ۽ اڄ ڏينهن تائين جاري آهي. ڊاڪٽر حسن عباس ٻڌايو ته، سنڌ درياءُ 40 ملين سالن کان موجود آهي، جيڪو پنهنجي آب ۽ تاب سان وهندو رهنيو آهي. 1858 ۾ ٺهندڙ ماڌو پور ڪئنال ۽ ان کان  پوءِ 1910 ۾ باگڙا ڊيم تي سڀ کان پهرين سنڌ اعتراض وريا هئا ۽ سنڌ جي اعتراضن کانپوءِ ڊيم ٺاهڻ وارو منصوبو ختم ڪري سنڌ بئراجي نظام جو بنيااد رکڻ لاءِ ڪم شروع ٿيو، جنهن جي نچوڙ ۾ سکر بئراج قائم ڪرڻ لاءِ رپورٽس جوڙيون ويون ۽ انهن کي حتمي شڪل ڏئي سکر بئراج جوڙيو ويو. هن چيو ته، 1947 ۾ ورهاڱي وقت ڪجهه ڪئنالن جا هيڊ ورڪس ڀارت جي حصي ۾ اچي ويا؛ جنهن جي نتيجي ۾ انهن هيڊ ورڪس وٽان ڀارت پاڪستان جو لڳ ڀڳ 5 سيڪڙو پاڻي روڪي ڇڏيو، جنهن جو به سڌو اثر سنڌ تي ٿيو ۽ ان کانپوءِ سنڌو طاس معاهدي تحت 3 درياءَ ڀارت کي ڏنا ويا، جن جو ڪو به جواز نه پي ٺهيو. ڊاڪٽر حسن عباس جو چوڻ هو ته، ڀارت بياس درياءَ جو رخ موڙي ڇڏيو ۽ پنهنجي غير آباد زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ راجستان ڪئنال جوڙايو هو. 1960 ۾ سنڌو طاس معاهدي کان اڳم ئي دريائن جو رخ تبديل ڪيو ويو هو.

ان موقعي تي آبادگار ذوالفقار يوسفاڻي ڊاڪٽر حسن عباس جي وين کي ساراهيو . جڏنهن ته ايوان زراعت جي سيڪريٽري  زاهد ڀرڳڙي ڊيم مخالف ۽ زراعت مخالف تصور قرار ڏنو ۽ چيو ته ملڪ ڊيمن کان سواءِ هلي نٿو سگهي. . اسان هندستان جي پرووپگنڊا کان متاثر نه ٿيڻ گهرجي.  جڏنهن صحافي مهيش ڪمار، نرنجن ڪمار، وڪيل سراج چانگ، عبدالڪريم ٽالپر، ايس ٽي پي اڳواڻ فتاح سميجي، پروفيسر اسماعيل ڪنڀر، دوست محمد بلوچ، علي پلهه، فاروق سومري،  پنهل ساريو ۽ ٻين پڻ سوال ڪيا ۽ پاڻي جي نئين تصور جي واکاڻ ڪئي. سربراهه سليمان ابڙو سيمينار شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪيو ۽ چيو ته سنڌ کي پاڻي جو ڪيس دليلن سان ٻڌائڻ گهرجي.جڏنهن ته ذولفقار هاليپوٽي ڊاڪٽر حسن عباس جو تعارف ڪرائيندي چيو ته ڊاڪٽر حسن عباس دنيا جو عالمي پاڻي ماهر آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *