Friday , April 19 2024

سنڌاسيمبلي جو بجيٽ اجلاس: اسپيڪر مخالف ڌر کي سنڌ واٽر ڪميشن تي ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو، ايم ڪيو ايم جو گوڙ

aijaz shah sherazi

سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس دوران اسپيڪر آغا سراج دراني ايم ڪيو ايم جي ميمبرن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي واٽر ڪميشن جي رپورٽس بابت ڳالهائڻ کان روڪيندي سندن مائيڪ بند ڪرائي ڇڏيا. اجلاس دوران حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ايم پي ايز جي هڪٻئي خلاف لفظي حملن دوران ايوان ۾ لڙ بکيڙو هلندو رهيو، جنهن بعد ايم ڪيو ايم وارا اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڪالهه اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي دلاور قريشي بجيٽ تي ڳالهائيندي ۽ حڪومت تي ڇوھ ڇنڊيا. هن چيو چيو ته سنڌ ۾ پيئڻ جي گندي پاڻي بابت سپريم ڪورٽ جي رپورٽ اسپيڪر ڏانهن موڪلي وئي آهي. هن مطالبو ڪيو ته اسپيڪر ڏانهن اماڻيل رپورٽ ۾ جيڪا وڊيو شامل آهي اُها وڊيو ايوان ۾ ڏيکاريو وڃي. هن چيو ته هن بجيٽ ۾ شهري ۽ٻهراڙي جو فرق آهي ان ڪري نه ٿو مڃان. اسپيڪر چيو ته سپريم ڪورٽ کي اسيمبلي ۾ بحث جو موضوع نه بڻايو، ڪنهن جي ڊڪٽيشن نه وٺندس، آءُ اجلاس قائدن ۽ ضابطن تحت ئي هلائيندس پوءِ جيڪڏهن الزام لڳايو ٿا ته ڀلي لڳايو.سراج دراني چيو ته مخالف ڌر وارن وٽ رڳو الزام آهن، کين بجيٽ ۾ حڪومتي ڪمزورين تي ڳالهائڻ گهرجي.

ان موقعي تي ميمبر بحث جاري رکيو ته اسپيڪر ۽ ايم ڪيو ايم ميمبر ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي، جنهن تي اسپيڪر سندس مائيڪ بند ڪرائي ڇڏيو۽ چيو ته هتي سپريم ڪورٽ تي نه ڳالهايو وڃي. جنهن تي ايم ڪيو ايم جي ميمبرن دلاور کي ڳالهائڻ کان روڪڻ تي سخت احتجاج ڪيو ۽ ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو.جنهن بعد ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجا اظهارالحسن پنهنجي ميمبرن کي واپس وٺي آيو ۽ اسپيڪر کي چيائين ته ان کان غلطي ٿي آهي جنهن تي کين ٻيهر اجازت ڏني وئي جنهن بعد دلاور قريشي ٻيهر ڳالهائيندي چيو ته 15 هزار رپين مان هڪ ماڻهو پنهنجو گهر پورو مهينو ڪئين گذاريندو، واسا ۽ ٻين کاتن ۾ حڪومت ملازمن کي 6 هزار رپيا پگهار ڊيلي ويجز ملازمن کي ڏئي رهي آهي، حڪومت پنهنجي اعلان تي عمل پاڻ ته ڪري. هن چيو ته پوري سنڌ مان هڪ به ضلعي، تعلقي يا يوسي کي ماڊل نه بڻايو ويو آهي، جنهن کي مثال بڻائي سگهجي. دلاور قريشي جو وقت ختم ٿيڻ تي ٻيهر مائيڪ بند ڪيو ويو، ان باوجود هو تقرير ڪندو رهيو، ،جنهن بعد مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجا اظهار الحسن چيو ته دلاور قريشي کي بجيٽ جي رهيل تقرير ڪرڻ ڏني وڃي.

 

اعجاز شاھ شيرازي پ پ کي ٺٽي ۾ سياسي طاقت جي مظاهري جو چئلينج ڪري ڇڏيو

سنڌ بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي نواز ليگ جي ٺٽو مان چونڊيل ايم پي اي اعجاز شاهه شيرازي چيو ته ڪاغذن ۾ بجيٽ بهتر آهي، لڳي ٿو سنڌ سون ٿي ويندي. مخالف ڌر جي ميمبرن کي اسڪيمون نه ٿيون ڏنيون وڃن. ٺٽي ۽ سجاول جا روڊ تباهه ٿي ويا آهن، اسڪول به زبون حال ٿي ويا آهن، استاد ئي نه آهن ته ٻار ڪئين پڙهندا.؟ هن چيو ته ڪوهستان جي عوام کي چارو ۽ راشن ڏنو وڃي، انهن به ووٽ ڏنا آهن، واهن ۾ گٽرن جو پاڻي اچي ٿو ان سان عوام بيمار ٿي رهيو آهي، خدا جو خوف ڪريو عوام کي صاف پاڻي ڏنو وڃي. هن چيو ته ايل بي او ڊي کي 8 سال ٿي ويا آهن پر اڃا تائين غريب ماڻهن کي معاوضو نه مليو آهي. هن حڪومت کي چئلينج ڪندي چيو ته سرڪار ٺٽي ۾ جلسو ڪري ۽ آئون به ڪيان ٿو جيڪڏهن پ پ جي جلسي ۾ وڌيڪ ماڻهو آيا ته زندگي لاءِ سياست ڇڏي ڏيندس.

الله تعاليٰ جنهن کي حڪمران بڻائي، جنهن کان چاهي حڪمراني واپس وٺي: شرميلا فاروقي

پ پ جي ايم پي اي شرميلا فاروقي چيو ته الله تعاليٰ جنهن کي چاهي حڪمران بڻائي جنهن کي چاهي ان کان واپس وٺي، عوام جي خدمت ڪرڻ پ پ پ جو منشور آهي، بجيٽ پ پ جي منشور تحت ئي پيش آهي 1.1 ملين عورتن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ رکيا ويا آهن. هن چيو ته غذائي کوٽ سبب ٿر ۾ ڪم ڪرڻ جي اهم ضرورت آهي اسان کي غذائي پروگرام ٿر کڻي وڃڻا پوندا، مونکي خوشي ٿيندي آهي جڏهن ڪراچي جا ترقياتي ڪم ڏسندي آهيان، جيڪڏهن سڀني کي سنڌ سان محبت آهي ته پوءَ جهيڙو ڇا جوآهي؟ ڇو نه سڀئي گڏجي ڪم ڪريون.هن چيو ته ڪو به وڏو وزير پنهنجي گرانٽ کي گهٽ ناهي ڪندو پر جس لهي سيد مراد علي شاهه جنهن پنهنجي گرانٽ مان 35 سيڪڙو گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي.

ايم ڪيو ايم جي رعنا انصار چيو ته سنڌ جي عوام کي روڊ ڏئي بي وقوف نٿو بڻائي سگهجي، وڏي وزير کي لاڙڪاڻو، حيدرآباد ته ياد آيو پر ڪراچي لاءِ انهن کان به گهٽ رقم رکي وئي آهي، حڪومت ٻهراڙي ۽ شهر کي ورهائي ڇڏيو آهي بجيٽ ۾ حيدرآباد يونيورسٽي لاءِ هڪ روپيو به ناهي رکيو ويو جيڪو حڪومت جو ٻٽو ميار نظر اچي ٿو، اهڙي بجيٽ ڪئين قبول ڪيون جيڪا عوامي نه هجي ۽ عوام جي اميدن تي پورو نه لهي.؟ قانون پابند ڪري ٿو ته مڪاني نمائندن کي اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪيا وڃن پر ڪراچي جو ميئر اسيمبلي ٻاهران اختيار لاءِ احتجاج ڪري رهيو آهي، حڪومت مڪاني نمائندن کان ڪم وٺي ته بهتر ٿيندو. پ پ جي مرتضيٰ بلوچ چيو ته سنڌ حڪومت وسيلن جي کوٽ باوجود بهترين بجيٽ ڏني آهي، پ پ جي سيد ضياءِ عباس شاهه چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي ترقي جي رفتار تحت بجيٽ رکي آهي وفاق صرف لاهور لاءِ 371 ارب ترقياتي بجيٽ رکي آهي اتي سنڌ کي ترقياتي منصوبن لاءِ صرف 20 ارب ڏنا آهن اها هڪ زيادتي آهي ڇو ته ملڪ کي سنڌ هلائي رهيو آهي ۽ وفاق ان سان زيادتي ڪري ٿو، پ پ جي تيمور ٽالپر چيو ٿو وڃي ته حڪومت روڊ نٿي ٺاهي پر مان دعويٰ ٿو ڪيان ته ٽنڊو آدم کان ميرپورخاص تائين هليا وڃوروڊ ئي روڊ نظر ايندا. تنقيد ڪندڙن کي چوان ٿو ته اچن مونسان گڏجي گهمن ته انهن کي ترقياتي ڪم ڏيکاريان، مخالف ڌر تعريف نٿي ڪري سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ زيادتي ته نه ڪري، جن چائينا ڪٽنگ ڪري ڪراچي کي تباهه ڪيو اهي اڄ اسان تي تنقيد ڪري رهيا آهن انهن کي اهو حق ڪنهن ڏنو آهي.؟ هن چيو ته نوري آباد پاور پلانٽ اسان جي ڪنهن خاص ماڻهو جو ناهي اهو مخالف ڌر جي ڪنهن خاص ماڻهو جو آهي اهو مان دعويٰ سان چوان ٿوته جيڪڏهن ڪنهن وٽ اسان جي ماڻهن بابت ثبوت آهن ته پيش ڪن. بهادر ڏاهري چيو ته پ پ نظرياتي جماعت آهي ۽ اها عوام جي خدمت ڪري رهي آهي .پ پ جي ڊاڪٽر سڪندر شورو چيو ته ايم ڪيو ايم وارا 32 سال جنهن جي پويان هليا هاڻي انهي کي ڇڏي ويا آهن، هاڻي هنن کي ڪراچي ۾ ترقي ڪم ڪرائيندڙن جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته چائنا ڪٽنگ ڪرائيندڙن کان حساب ورتو وڃي، ايم ڪيو ايم وارن جي نظر ٺيڪن جي ڪميشن تي آهي، هاڻي ائين نه ٿيندو. ٻه فيس بڪ ليڊربه ناڪام ٿيندي نظر اچي رهيا آهن. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي محمد زبير، پ پ جي روبينا قائمخاني ۽ ٻِين پڻ خطاب ڪيو، جنهن بعد اسپيڪراجلاس جي ڪاروائي اڄ صبح يارهين وڳين تائين ملتوي ڪري ڇڏو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *