Thursday , April 25 2024

سمارٽ لاڪ ڊائون سان ڪرونا جي صورتحال تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته، پاڪ فوج ڪرونا اصورتحال سبب انٽرنل سيڪيورٽي الائونس نه وٺڻ جو فيصلوڪيو آهي، سمارٽ لاڪ ڊائون ذريعي ڪرونا وائرس تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته خدشو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڪرونا متاثرن جو انگ وڌي سگهي ٿو، صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ انفرادي ۽ اجتماعي احتياط جي ضرورت آهي، سمارٽ لاڪ ڊائون ذريعي ڪرونا وبا کي منهن ڏنو پيو وڃي، وسيلن ۽ ڪوششن کي يونين ڪائونسل تائين پهچائڻ جي پلاننگ ڪري ورتي آهي، تافتان، طور خم ۽ چمن ۾ قرنطينا ۽ آئسوليشن سهولت قائم ڪري ڇڏي آهي، اڄ به چين مان طبي سامان کڻي ڊاڪٽرن جي ٽيم پاڪستان پهتي آهي، ڪرونا وائرس دوران متاثر لکين مستحقن ۾ راشن پهچائڻ جو سلسلو به جاري آهي، ميڊيا ڪرونا بابت آگاهي ۾ شاندار اضافو ڪيو، عالمن جو ڪردار به واکاڻ جوڳو آهي، آرمي چيف جي سربراهي ۾ ڪانفرنس منقد ٿيو آهي، پاڪستاني فوج جا پنج ليب مختلف علائقن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، پاڪستان نيوي ۽ پاڪستان ايئرفورس به انهيءَ مشن ۾ سرگرم آهن، عوام رمضان جي مهيني ۾ پان کي گهرن تائين محدود ڪري وبا کان محفوظ رکي، پنهنجي گهرن کي عبادت گاهه بڻايو، آزاد ڪشمير ۾ هن وقت تائين ڪو به ماڻهو فوت نه ٿيو آهي، آر ايس ايس جي انتهاپسندن عالمي قانون جي لتاڙ ڪئي آهي، ڀارت لاڳيتو سرحدي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، هن وقت تائين 850 ڀيرا سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي، ڀارت ڄاڻي واڻي ايل او سي وٽ آبادي وارن علائقن کي نشانو بڻائي رهيو آهي، ڀارت جون جيڪي حالتون آهن، مداخلت ڪرڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي، پاڪستاني فوج ڀارتي فوجي قيادت جي چڙ ڏياريندڙ بيانن جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي، ڀارت آرٽلري جو استعمال ڪيو، ڀارتي فوجي قيادت جا تازا بيان سندن اندروني ناڪامين کي ظاهر ڪن ٿا، آرمي چيف رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ سول ادارن سان گڏجي سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڀارت جي ڪشمير ۾ لڳائل نفرت جي باهه سڄي ڀارت ۾ پکڙجي چڪي آهي،

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *