Friday , April 19 2024

سعيد غني کان مڪاني ادارا واپس،مرتضيٰ وهاب کان سڌسماءُ واپس،، صلاحڪار نثار کهڙو کي سڻنڀا کاتا ملي ويا

ڪرپشن انڪوائريز کي منهن ڏيندڙ سهيل انور سيال اينٽي ڪرپشن کاتي جو وزير ٿي ويو، صلاحڪار نثار کهڙو کي اهم قلمدان ملي ويا

ڪراچي (رپورٽر  سنڌسماءَچار) اڳوڻو گهرو وزير سهيل انور سيال اينٽي ڪرپشن کاتي جو وزير، ناصر شاهه ۽ نثار کهڙو کي به سڻڀا کاتا ملي ويا،  سعيد غني کي سُڌ سماءَ، سهيل انور سيال جڏهن ته سهيل انور سيال کي آبپاشي، زڪوات ۽ عشر، اوقاف ۽ ائنٽي ڪرپشن کاتي جا قلمدان ڏنا ويا آهن. نئين نوٽيفڪيشن مطابق سهيل انور سيال کي آبپاشي کاتو، ناصر شاهه کي لوڪل گورنمينٽ ۽ ۽ ڄام اڪرام ڌاريجو کي صنعت ۽ تجارت جا قلمدان ڏنا ويا آهن. وڏي وزير جي منظوري سان چيف سيڪريٽري طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صوبائي وزير ناصر شاهه کي لوڪل گورنمينٽ، ٻيلو کاتو ۽ مذهبي معاملن جا قلمدان ڏنا ويا. صوبائي وزير باري پتافي کي لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتو الاٽ ڪيا ويا، جڏهن ته صوبائي وزير هري رام ڪشوري لال کي اقيلتن ۽ خوراڪ کاتي جا قلمدان ڏنا ويا. جاري ٿيل نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صوبائي وزير اسماعيل راهو کي زراعت کاتو ڏنو ويو، جڏهن ته صوبائي وزير سعيد غني کي سُڌ سماءَ ۽ پورهئي کاتي جو قلمدان به سونپيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب صوبائي وزير شبير بجاراڻي کي قدرتي وسيلن، پبلڪ هيلٿ ۽ ٻهراڙي جي ترقي وارا کاتا ڏنا ويا. سردار شاهه وٽ ثقافت ۽ سياحت وارو کاتو آهي، جڏهن ته صوبائي وزير فراز ڏيرو کي بحالي کاتو ڏنو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب صوبائي وزير تيمور ٽالپر کي انفارميشن، سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي وزارت ڏني وئي آهي، جاري ٿيل نوٽيفڪيشن موجب صوبائي وزير ڄام اڪرام ڌاريجوکي صنعت ۽ تجارت، جڏهن ته مرتضيٰ بلوچ کي هيومن سيٽلمينٽ جا کاتا ڏنا ويا آهن.
سنڌ سرڪار طرفان صوبائي صلاحڪارن کي قلمدان ڏيڻ جي حوالي سان به نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب صوبائي صلاحڪار نثار کهڙو کي ورڪس اينڊ سروسز ۽ يونيورسٽيز اينڊ بورڊس جا کاتا سونپيا ويا، اُن کانسواءِ مرتضيٰ وهاب کي قانون، ماحوليات، ماحولياتي تبديلي ۽ ساحلي ترقيءَ وارن کاتن جو صلاحڪار بڻايو ويو آهي. جڏهن ته صوبائي صلاحڪار اعجاز شاهه شيرازي کي سماجي ڀلائي وارو کاتو ڏنو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *