Tuesday , April 16 2024

سعيد غني وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ چيف سيڪريٽري لاءِ ڏچا پيدا ڪرڻ لڳو؟

سعيد غني جي انڪار سان وڏي وزير، چيف سيڪريٽري ۽ مڪاني ادارن جي سيڪريٽري لاءِ به ڏچا پيدا ٿيندا

ڪراچي(رپورٽ اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ پاران ڪراچي ۾ غيرقانوني اڏاوتون ڊاهڻ واري حڪم تي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني جو بيان وڏي وزير لاءِ قانوني طور ڏکيائيون پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو. سپريم ڪورٽ پاران ڪراچي شهر ۾ غيرقانوني طريقي سان رهائشي پلاٽن کي ڪمرشل ڪري گهڻ ماڙعمارتون ٺاهڻ، فلاحي پلاٽن جو اسٽيٽس تبديل ڪرڻ ۽ غير قانوني طريقي سان اڏاوتن لاءِ اين او سيز جاري ڪرڻ خلاف ڪارروائي جو حڪوم ڏنو. جنهن تي سنڌ جي مڪاني ادارن واري کاتي جي وزير سعيد غني ميڊيا سان ڳالهائيندي سپريم ڪورٽ جي اهڙي حڪم تي عمل ڪرڻ کان کُتو جواب ڏئي ڇڏيو هو. سعيد غني ميڊيا سان ڳالهائييندي ڏيندي اعلان ڪيو ته جيڪڏهن غيرقانوني اڏاوتون خاص طور تي رهائشي عمارتون ڊاهڻ لاءِ مٿس زور ڀريو ويو ته هُو وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو.

سعيد غني جو اهڙو بيان سڌو سئون توهين عدالت جي دائري ۾ اچي ٿو، جيڪڏهن سعيد غني وزارت تي هوندي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل، نه ٿو ڪري ته کيس توهين عدالت جي ڪيس کي منهن ڏيڻو پوندو. ان بيان جو ٻيو رخ اهو آهي ته، معاملي کي اينگهائجي ۽ ايستائين ڪو دڳ ڪڍجي يا وري مخصوص بلڊرز کي بچائجي، جنهن لاءِ کين  قانوني تياري ڪرڻ لاءِ ڪجهه وقت وٺرائي ڏجي. ڇو ته جيڪڏهن صوبائي وزير استعيفيٰ ڏئي ٿو ته سنڌ بلڊنگس ڪنٽرول اٿارٽي انتظامي طور تي حڪمن جي منظوري واري مرحلي ۾ ڦاسي پوندو. سعيد غني جي بيان ۽ استعيفيٰ سان ٻيو سڌو ڏچو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لاءِ به پيدا ٿي سگهي ٿو. اُهو ڪجهه هيئن ته، ڪنهن به کاتي جو وزير نه هجڻ يا وري وزير جي استعيفيٰ جي صورت ۾ اُهو کاتو انتظامي طور تي پاڻمرادو وڏي وزير جي اختيارن هيٺ اچي ويندو.

اُهو ان صورت ۾ جيڪڏهن سعيد غني جي استعيفيٰ منظور ٿئي ٿي ته وڏي وزير لاءِ سڌي پريشاني ٿيندي، پر جيڪڏهن صوبائي وزير جي استعيفيٰ منظور نه ٿي ٿئي ته پوءِ به وڏي وزير جي پريشاني نه گهٽبي؛ پر اُها پريشان سنڌ بلڊنگس ڪنٽرول اٿارٽي، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ کان ڦرندي سڌي چيف سيڪريٽري سنڌ جي کاتي ۾ هلي ويندي ۽ عدالت سڌا حڪم ڏيندي چيف سيڪريٽري کي عدالتي حڪمن تي عمل ڪرائڻ جي هدايت جاري ڪري سگهي ٿي. ان سان گڏوگڏ مڪاني ادارن  جي وزير جو معاملو سڌو سپريم ڪورٽ وٽ هوندو ان بابت عدالت ئي فيصلو ڪري سگهي ٿي. صوبائي وزير سعيد غني جي هن سڄي عمل ۾ عدالتي حڪمن تي عملدرآمد ۾ ڪجهه ڏينهن جي دير ٿي سگهي ٿي، پر سنڌ حڪومت خاص طور تي لاڳاپيل کاتي، ادارن ۽ وڏي وزير لاءِ پريشاني وڌي ويندي ۽ جيڪڏهن ڪجهه ڏينهن جو ريليف مليو به ته بلڊرز کي ئي ملندو ۽ سنڌ حڪومت جي وزير جو اهڙو عمل خود سندس ۽ سنڌ جي وڏي وزير لاءِ پريشانين ۾ واڌاري کانسواءِ ڪجهه به نه هوندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *