Saturday , April 20 2024

سعيد غني من پسند سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن جي ڳولا ۾

سعيد غني من پسند سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن جي ڳولا ۾، ڪاليج ايجوڪيشن، سنڌي ادبي بورڊ ۾ به انتظامي تبديلين جو امڪان

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) تعليم کاتي جو قلمدان ملڻ بعد صوبائي وزير سعيد غني اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي کاتي جي سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽري، ڊپٽي سيڪريٽري ۽ مختلف سيڪشنس جي سيڪشن آفيسرز کي تبديل ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبائي وزير سعيد غني پنهنجي خواهش کان وڏي وزير مراد علي شاهه کي به آگاهي ڏئي ڇڏي آهي، وڏي وزير کيس ڪجهه ڏينهن انتظار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. گذريل هفتي سنڌ ڪابينا ۾ وزيرن جي قلمدانن ۾ ڦيرڦار کانپوءِ سعيد غني تعليم کاتي (اسڪول ايجوڪيشن ۽ ڪاليجز) جو قلمدان ملڻ بعد کاتي ۾ انتظامي سطح جي تبديلين جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق پهرين مرحلي ۾ اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي کاتي جي سيڪريٽري احسن علي منگي، ايڊيشنل سيڪريٽري رياض علي عباسي، ڊپٽي سيڪريٽري اسڪولز فاطمه بشير سميت مختلف سيڪشنس جي سيڪشن آفيسرز کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، سعيد غني پاران سيڪريٽري سميت ٻين آفيسرز جي تبديلين لاءِ وڏي وزير مراد علي شاهه آڏو پنهنجي خواهش جو به اظهار ڪيو آهي، جنهن تي وڏي وزير کيس ڪجهه ڏينهن انتظار ڪرڻ جي هدايت ڪندي تڪڙ نه ڪرڻ جو چيو آهي.

ذريعن دعويٰ  ڪئي آهي ته سعيد غني پنهنجي پسند جي سيڪريٽري لاءِ ٻن کان وڌيڪ سيڪريٽريز سان جا نالا هن هفتي دوران ئي وڏي وزير حوالي ڪندو، جنهن کانپوءِ هلندڙ مهيني جي آخري هفتي يا وري مارچ جي ٻئي هفتي تائين سيڪريٽري سميت ڄاڻايل ڪامورا ۽ آفيسرز بدلي ڪري مرضي جا آفيسر مقرر ڪيا ويندا. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق تعليم کاتي ۾ ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي سنڌ ايجوڪيشن پاليسي ڪميشن، سنڌي ادبي بورڊ،  ڊئريڪٽوريٽ انسپيڪشن ۾ به انتظامي تبديلين جو منصوبو جوڙيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *