ملير( رپورٽر سنڌسماءَچار) ملير ويجهو اينٽي نارڪوٽيڪس فورس ڪارروائي دوران آفيم هٿ ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. اينٽي نارڪوٽيڪس فورس عملدارن موجب سسئي ٽول پلازه وٽ چيڪنگ دوران ڪار مان 100 ڪلو گرام آفيم هٿ ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي. اينٽي نارڪوٽيڪس فورس عملدارن موجب ڪارروائي دوران هٿ آيل آفيم جي بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ ماليت اڍائي ڪروڙ روپيا آهي، گرفتار ڪيل جوابدار خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
Check Also
ڪرونا وائرس تيزي سان ڦهلجڻ لڳو، سنڌ ۾ مريضن جو انگ 1020 ٿي ويو
سنڌ ۾ ڪرونا جي مريضن جو انگ 1020، پنجاب ۾2040 ٿي ويو پاڪستان ۾ مريضن …