Friday , April 26 2024

سرڪاري گاڏيون ڦرجڻ معمول بڻجڻ لڳو

ڪراچي( رپورٽر   سنڌ سماءَچار) ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ واڌ کانپوءِ گاڏين جي ڦرن جا واقعا معمول بڻجندا پيا وڃن، ٻن ڏينهن دوران ٻه گاڏيون ڦرجي ويون آهن. آچر ڏينهن شام ڌاري سچل ٿاڻي واري علائقي مان هڪ سرڪاري گاڏي ڦرجي وئي آهي. ڦرجي ويل گاڏي لاءِ خبر پئي آهي ته، گاڏي نمبر جي ايس سي 748 سنڌ اسيمبلي جي ملڪيت آهي، جيڪا ڊرائيور جي استعمال هيٺ هئي. ان کان اڳ ڇنڇر واري ڏينهن شام ڌاري ڊفينس واري علائقي مان ڪراچي جي ميئر وسيم اختر جي ڪلٽس گاڏي به هٿياربند ڦر ڪري ويا هئا، جنهن جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي هئي. تقريبن هڪ سال اڳ ڊفينس فيز ون واري علائقي مان پ پ پ جي ايم اي غلام قادر چانڊيو جي استعمال هيٺ سرڪاري لگذري ڪار به سندس ڊرائيور کان ڦرجي وئي هئي، ان بابت به اڃا تائين ڪو به اتو پتو ناهي ۽ نه ئي وري غلام قادر چانڊيو گاڏي هٿ ڪرائڻ لاءِ پوليس سان ڪا لهه وچڙ رکي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *