Friday , March 29 2024

سريلنڪا جي گرجا گهرن ۽ هوٽل ۾ 8 ڌماڪا، 165 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا، 400 کان وڌيڪ ڦٽجي پيا

ڪولمبو ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسيحي برادري جي مذهبي ڏينهن ايسٽر جي موقعي تي سريلنڪا جي مختلف گرجا گهرن ۽ هوٽلز ۾ ڌماڪن ۾ فوتين جو انگ وڌي 165 ٿي ويو آهي، کان وڌيڪ مارجي ويا ۽ 400 کان وڌيڪ گهائجي پيا آهن، سريلنڪن حڪومت ملڪ ۾ ريڊ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. سريلڪن ميڊيا ۽ عالمي خابرو ادارن جي رپورٽ مطابق سريلنڪا ۾ مسيحي برادري جي مذهبي ڏڻ ايسٽر جي تقريبن دوران ٽن گرجا گهرن ۽ ٽن هوٽلن ۾ ڌماڪن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 165 ڄڻا مارجي ۽ 400 کان وڌيڪ گهائجي پيا آهن، زخمين مان به اڪثر جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. سريلنڪن پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته، ڌماڪا ڪوچيڪاڊي، سينٽ سيبسٽن ۽ بيٽيڪولا چرچ ۾ ان وقت ڌماڪا ٿيا جڏهن ماڻهو مذهبي عبادت ۾ مصروف هئا.  ڪولمبو ۾ ئي شانگري هوٽل ۽ سينيمين گرانڊ ۾ پڻ ڌماڪا ٿيا. واقعي بعد امدادي اهلڪارن زخمين کي ترت اسپتال پهچايو. رپورٽس مطابق ڪولمبو ۾ ايسٽر جي موقعي تي دهشتگردي جي واقعن کانپوءِ ريڊ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي ۽ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن. عالمي خابرو ادارن جي رپورٽس مطابق ڌماڪن سبب فوتگين جو انگ اڃا وڌي سگهي ٿو، ڇو ته وڏي انگ ۾ زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *