Saturday , April 20 2024

سجاول پوليس جڙتو مقابلي ۾ ماريل جوابدار جو خون لوڙهڻ جي چڪر ۾، قتل خطا جو ڪيس داخل

سجاول پوليس جوابدار کي ڊڪائي ڊڪائي گوليون هڻي جڙتو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس خون لوڙهڻ جي چڪر ۾، قتل خطا جو ڪيس داخل

سجاول(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سجاول جي مقام ي عدالت مان ڪيس جي ٻڌڻي دوران مبينا طور تي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار عبدالله گلڙي کي پوليس ڊڪائي ڊڪائي قتل ڪري ڇڏيو، وارثن جي احتجاج بعد قتل خطا جو ڪيس داخل ڪري پنجن اهلڪارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، چوھڙ جمالي جي ڳوٺ تاج محمد اوٺو واسي 32 سالن جو عبدالله عرف ابو گلڙي اوٺو چوري ۽ ڦر سميت مختلف ڪيسن ۾ بدين جيل ۾ 4 مھينن کان قيد ڀوڳي رهيو هو. پوليس جي دعويٰ موجب جوابدار کي سيڪنڊ سول جج سجاول جي عدالت ۾ پيشي لاءِ آندو ته مبينا طور عدالتي احاطي مان فرار ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته هنن ابدار جو پيڇو ڪري باءِ پاس ڀرسان فائرنگ ڪئي. گوليون لڳڻ سبب نوجوان مارجي ويو. اطلاع تي ڊي ايس پي سجاول جي اڳواڻي ۾ مختلف ٿاڻن جي نفري واقعي واري ھنڌ پهچي لاش کڻائي سول اسپتال آندو، جتي پوسٽ مارٽم کانپوءِ لاش وارثن جي حُالي ڪيو ويو، لاش وصلو ڪرڻ کانپوءِ وارثن لاش سوڌو چوهڙ جمالي روڊ تي ڌرڻو هڻي 7 ڪلاڪن تائين ويٺل رهيا. جنهن کانپوءِ پوليس الزام هيٺ آيل 5 اھلڪارن اي ايس آءِ علي محمد ٻارڻ، سپاھين عبدالله جمالي، احمد علي، عبدالمجيد ۽ علي احمد کي معطل ڪندي گرفتار ڪري سندن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي، پوليس وڏي چالاڪي سان ايف آءِ آر ۾ قتل يا جڙتو مقابلي جي قلمن بدران رڳو قتل خطا جو قلم شامل ڪيو ويوآهي. مارجي ويل جوابدار جي ڀاءُ علي احمد اوٺو چيو ته ڀاءُ 6 مهينن کان ڪيس ۾ قيد هو، ايتري عرصي ۾ ڪڏهن به هن فرار ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪئي ته هاڻي جڏهن ضمانت وٺڻ جي تيارين ۾ هئاسين ته هو ڇو ڀڄندو؟ هن چيو ته ٿي سگهي ٿو ته پوليس چوري ڪيس جي فريادي ڌر کان رشوت وٺي هٿ سان سندس ڀاءُ کي جڙتو مقابلي ۾ ماريو آهي، واقعي جي جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *