Thursday , April 18 2024

سانگهڙ: نياڻين کي والدين جي ملڪيتن مان سندن حصو ڏنو وڃي: پيرپاڳارو

سانگهڙ: حرن جي روحاني پيشوا ۽ فنڪشنل ليگ جي سربراهه پير پاڳاري چيو آهي ته بزرگن جي فوت ٿي وڃڻ کانپوءِ ملڪيتن مان نياڻين کي حصو نٿو ڏنو وڃي، سنڌ ۾ نياڻين کي تعليم سميت ٻيا سمورا حق ملڻ گهرجن. سانگهڙ ۾ هزارين مريدن کي خطاب ڪندي پير پاڳاري جو چوڻ هو ته سنڌي ماڻهو پنهنجي نياڻين کي تعليم سان گڏ ملڪيتن مان جائز حصو ڏئي انصاف ڪن. پير پاڳاري جو چوڻ هو ته پنهنجي پاڙي واري جو خاص خيال رکڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به ڏکئي وقت ۾ سڀ کان اڳ ۾ پاڙي وارو ئي مدد لاءِ پهچندو آهي. پير پاڳاري چيو ته پاڪ فوج ملڪ مان دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، پوري قوم جي دعا پاڪ فوج سان گڏ آهي.

About Asghar Azad

Check Also

ميرپورخاص: شهيد بينظير ڀٽو سيڊ فارم ۾ بينظير رهائشي ڪالوني ٺاهڻ خلاف هارين جو احتاج

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ سيڊ فارم جي آباد زمين تي بينظير ڪالوني ٺاهڻ خلاف علائقي واسين …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *