Friday , April 19 2024

سامارو مان گم ٿي ويل معصوم زيد سرهندي جو لاش هٿ

سامارو مان جمعي ڏينهن گم ٿي ويل ڳالهائڻ جي سگهه کان محروم معصوم زيد سرهندي جو لاش هٿ

سامارو (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سامارو ويجهو گذريل ڏينهن پاراسرار نموني گم ٿي ويل معصوم نينگر جو پاڻي جي کڏ مان لاش هٿ، وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو، پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. سامارو جي ڳوٺ گلزار خليل پير سرهنديءَ مان گذريل ڏينهن پراسرار نموني گم ٿي ويل 7 ورهين جي زيد ولد پير عمر جان سرهندي جو لاش پاڻي جي کڏ مان مليو آهي، وارثن لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو جتي پوسٽ مارٽم بعد سندس مڙهه والدين جي حوالي ڪيو ويو آهي. نينگر جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد سندس مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ڳالهائڻ جي سگهه کان محروم نينگر پير زيد سرهندي گذريل ڏينهن گهر ٻاهران راند ڪندي اوچتو گم ٿي ويو هو، جنهن جو اڄ ڇنڇر تي منجهند ڌاري لاش مليو. نينگر جي وارثن جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن نينگر گم ٿي ويو ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي ڳولا ڪرڻ باوجود سندس ڪوبه ڏس پتو نه پيو، اڄ ڳولا ڪندي نينگر جو لاش تلاءُ مان هٿ آيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ظاهري طور لڳي ٿو ته نينگر ٻڏي فوت ٿي ويو آهي، معاملي جي مختلف رُخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *