Tuesday , April 16 2024

زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ ڪيس ۾ اڳوڻي ايم پي اي نصرالله بلوچ جي عارضي ضمانت منظور

ڪراچي(رپورٽر    سنڌ سماءَ چار) نيب پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي نصر الله بلوچ خلاف ڪرپشن ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، هاءِ ڪورٽ سندس زمينن جي غيرقانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ عارضي ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سکر ۾ 112 ايڪڙ زمين غيرقانوني نموني سان الاٽ ڪرڻ واري ڪيس ۾جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي 19 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ غيرقانوني نموني زمين الاٽ ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي،  اڳوڻي ايم پي اي نصرالله بلوچ سميت ٻيا جوابدار پيش ٿيا. جاچ آفيسر چيو ته نيب چيئرمين جوابدارن خلاف ريفرنس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي،جيڪو جلد داخل ڪيو ويندو. عدالت جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 19 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. نيب موجب سکر ۾ جوابدارن 112 ايڪڙ زمين غيرقانوني نموني سان الاٽ ڪئي آهي، اڳوڻي ايم پي اي نصرالله بلوچ کي 48 ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي آهي. نيب چيو ته ڪڊني سينٽر جي 6 ايڪڙ زمين ديدار جتوئي ۽ سندس نوڪر کي 10 ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *