Friday , March 29 2024

زميني حقيقت اها ئي آهي ته فوج ملڪي سياست جي اهم ڌر آهي: رضا رباني جو سينيٽ کي الوداعي خطاب

اسلام آباد(خاص نمائندو سنڌ سماءَ چار) رٽائر ٿيندڙ سينيٽ چيئرمين رضا رباني مياري انداز ۾ چيو آهي ته، سينيٽ  جي تازين چونڊن کانپوءِ سموريون سياسي پارٽيون هارس ٽريڊنگ جون دانهون ڪري رهيون آهن، پر اسان پارليامينٽ ۾ هارس ٽريڊنگ کي روڪڻ لاءِ قانون سازي جو مسودو ٺاهيوهو پر سينيٽ جي ڪميٽي ۾ شامل سڀني سياسي پارٽين جي ميمبرن ان تجويز کي رد ڪري ڇڏيو هو. سينيٽ چيئرمين جي حيثيت ۾ اولداعي خطاب ڪندي هن چيو ته ”زميني حقيقت اها آهي ته فوج ملڪي سياست جي اهم ڌُر آهي“. سينيٽ جي اجلاس کي اداعي خطاب ڪندي پنهنجي عهدي تان رٽائر/سبڪدوش ٿيڻ کان اڳ ۾ الوداعي خطاب ڪندي رضا رباني چيو ته، سينيٽ منهنجي دور ۾ ادارن وچ ۾ ٽڪراءُ روڪڻ لاءِ انٽرا انسٽٽيوشن ڊائلاگ شروع ڪرايو. سينيٽ جي چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ جون دانهون ڪيون پيون وڃن. ان هارس ٽريڊنگ روڪڻ لاءِ اسان سينيٽ جي پليٽفارم تان هارس ٽريڊنگ کي روڪڻ بابت نوان ضابطا تجويزڪري ڏنا. هن چيو ته انتهائي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته، سينيٽ جي ڪميٽي ۾ شامل سمورين سياسي پارٽين جي ميمبرن تي ٻڌل، پارلياماني ڪميٽي انهن تجويزن کي رد ڪري ڇڏيو هو. اسان کي پنهنجي اندر ۾ به جهاتي پائي ڏسڻ گهرجي، پارليامينٽ جي ٽٽڻ تي اسان خاموشي اختيار ڪندا رهيا آهيون،

سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيوته، منهنجا پنهنجا اصول آهن، ڪنڌ ڪپائي سگهان ٿو پر اصولن تي سوديبازي نه ٿو ڪري سگهان، مون سدائين آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ ڪم ڪيو ۽ ڪنهن جي ڊڪٽيشن قبول نه ڪئي، سڀني ادارن کي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي. سينيٽ ۾ الوداعي خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين رضا رباني سينيٽ اجلاس کي، سينيٽ چيئرمين جي حيثيت سان الوداعي خطاب دوران رضا رباني وڌيڪ چيو ته، مون کي فخر ٿيندو جيڪڏهن منهنجو نالو ان چيئرمينز ۾ شامل هجي جِنهنَ بادشاهه اڳيان پنهنجو ڪنڌ ته ڪٽرايو پر پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ ڪو به سمجهوتو نه ڪيو. مان تاريخ هٿان مرڻ کان وڌيڪ گولي جي موت مرڻ کي ترجيح ڏيندس. رضا رباني چيو ته، اهو صحيح آهي ته پارليامينٽ جي بالادستي هئڻ گهرجي ۽ پارليامان سڀ کان مٿانهون آهي هر اداري کي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي ،پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ لازم آهي ته ايگزيڪيوٽو آرڊر جو اختيار ختم ٿيڻ گهرجي. ڪجهه سينيٽرز جو ڪردار اسان لاءِ رول ماڊل آهي، سينيٽ جي اجلاسن دوران سينيٽرز تي سختي ڪرڻ جي معافي گهران ٿو.

رضا رباني الوداعي خطاب ۾ چيو ته هن اجلاسن دوران سينيٽرز تي سختي ان لاءِ ڪئي ته جئين هو پنهنجو ڪم بهتر انداز ۾ ڪري سگهي، پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ آرٽيڪل 89 کي ختم ڪيو ويو. موجوده چيف جسٽس کيس گهرايو ۽ ريفارمنز جي ڳالهه ڪئي، آرمي چيف کي ڪميٽي ۾ اچڻ جي دعوت ڏني هئي، ڊي جي آءِ ايس پي آر به هائوس ۾ آيو هو، جيڪڏهن اسان ٻين کي موقعو ڏينداسين ته ڪو ٻيو اچي جاءِ ٺاهيندو. هن چيو ته هو مارچ 2015 تي پنهنجي عهدي جو قسم کنيو هو ته ان وقت پنهنجا اثاثا ظاهر ڪيا هئا، واعدو ڪيو هو ته منصف تان هٽڻ وقت به پنهنجا اثاثا ٻڌائيندس، مخالف منهنجي 2015 ۽ اڄ جي اثاثن جي ڀيٽ ڪري وٺن. سندس چوڻ هو ته هن هڪ ننڍي سياسي ڪارڪن جي حيثيت سان ڪم شروع ڪيو هو، پنهنجي والدا ۽ سياسي ماءُ شهيد بينظير ڀٽو جي ڪري هن جاءِ تي پهتس، منصف اچڻ وڃڻ جي شئي آهي آخر ۾ ڪردار ۽ اصول رهجي ويندو آهي، هن ڪڏهن اصولن تي سمجهوتو نه ڪيو آهي. سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو ته هو راجا ظفر الحق، اعتزاز احسن ۽ ٻين ميمبرز جو ٿورائتو آهي جن هائوس کي هلائڻ ۾ ساڻس ڀرپور سهڪار ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *