Thursday , April 25 2024

زمينن جي غير قانوني الاٽمينٽ، اڳوڻي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ جي ضمانت منظور

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ زمين غيرقانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ اڳوڻي چيف سيڪريٽري محمد صديق ميمڻ، عبدالقادر ميمڻ، عبدالرسول ميمڻ سميت ٻين جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. اڳوڻو چيف سيڪريٽري محمد صديق ميمڻ، عبدالقادر ميمڻ، عبدالرسول ميمڻ سميت ٻين جي ضمانتن واري دخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران درخواست گذار به عدالت آڏو پيش ٿيا. نيب پراسيڪيوٽر دليلن ۾ چيو ته جوابدار ضمانت جا حقدار ناهن، درخواستون رد ڪيون وڃن، جوابدار خلاف پڪا ثبوت موجود آهن.  نيب پراسيڪيوٽر دليلن ۾ وڌيڪ چيو ته ڪورنگي واري علائقي ۾ جوابدارن تي 6 ايڪڙ زمين جعلي دستاويزن تي الاٽ ڪري قومي خزاني کي 55 ڪروڙن کان وڌيڪ نقصان پهچائڻ جو الزام آهي.نيب چيو ته زمين غيرقانوني الاٽ جي انڪشاف بعد 22 جنوري 2016 ۾ رد ڪئي وئي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *