Friday , March 29 2024

زمينن جي الاٽمينٽ، ليز ۽ مني لانڊرنگ ڪيس، سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن آفتاب ميمڻ جي گرفتاري جو راز!

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار)  ”سنڌ لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتي جي سيڪريٽري آفتاب ميمڻ نيب سان معاملا طئه ڪري پاڻ گرفتاري پيش ڪئي آهي“، اهو چوڻ آهي بورڊ آف روينيو جي هڪ سينئر عملدار جو. سنڌ ۾ جعلي بئنڪ کاتن، سنڌ جي سرڪاري زمينن جي غيرقانوني الاٽمينٽ ۽ ليز سميت ڪرپشن جي ٻين ڪيسز ۾ اهم اڳڀرائي ۾ سنڌ حڪومت کي لوڏو اچي ويو آهي، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته آفتاب ميمڻ گذريل ڪجهه هفتن کان نيب سان رابطي ۾ هو، گذريل 12 سالن دوران سنڌ ۾ سرڪاري زمينن جي الاٽمينٽ/ ليز بابت اهم دستاويز به نيب هٿ ڪري ورتا آهن. نيب راولپنڊي پاران گرفتار ڪيل سنڌ جي انتهائي بااثر ۽ زمينن جي کاتن بابت اهم معلومات رکندڙ سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن بورڊ آف روينيو آفتاب ميمڻ جي گرفتاري بابت www.sindhsamaachar.com پاران گڏ ڪيل معلومات موجب آفتاب ميمڻ سان نيب جو هڪ اهم عملدار لڳ ڀڳ گذريل 6 هفتن کان رابطي ۾ هو ۽ آفتاب ميمڻ به ان سان لهه وچڙ ۾ هو. ذريعن موجب آفتاب ميمڻ ان دوران نيب ڪراچي جي مختلف عملدارن سان صدر واري علائقي جي هڪ ون ڪيون ۽ هن پاڻ کي بچائڻ خاطر نيب کي وي آر ۽ پلي بارگين سميت مختلف آپشنز تي ڳالهيون ڪيون. انهن ملاقات دوران آفتاب ميمڻ سنڌ جي اهم سياسي شخصيتن جي هدايتن تي الاٽ ڪيل زمينن، مختلف نجي رهائشي منصوبن جي منظوري عيوض ڳري رشوت جي ڏيتي ليتي جا بابت به ،معلومات به نيب ۽ ايف آءِ اي کي مهيا ڪئي وئي آهي. نيب آفتاب ميمڻ کي راولپنڊي مان گرفتاري بابت www.sindhsamaachar.com کي مليل ڄاڻ مطابق، نيب راولپنڊي ۽ نيب اسلام آباد هيڊڪوارٽرز پاران اڃا وڌيڪ گرفتاريون سامهون اينديون، جن ۾ بيوروڪريسي جي ٻن کان وڌيڪ اهم شخصيتون شامل آهن. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق اپريل مهيني دوران ۽ مئي جي پهرين هفتي دوران سياسي شخصيتن جي گرفتاري به عمل ۾ اچڻي آهي، ضروري نه آهي ته انهن سياسي شخصيتن ۾ حڪومتي عهدو رکندڙ شامل هجن. ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته شهيد بينظير آباد ڊويزن سان واسطو رکندڙ هڪ اڳوڻو صوبائي وزير، هڪ اڳوڻو ايم پي اي ۽ 2 موجوده ايم پي ايز خلاف جاچ آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي  آهي، جاچ دوران اهُي ماڻهو نيب پاران پڇيل سوالن جا 50 سيڪڙو کان وڌيڪ سوالن جا ڪي به مطمئن ڪندڙ جواب ناهن ڏئي سگهيا، ان جاچ دوران ڪجهه اهڙن ماڻهن جا به نالا سامهون آيا آهن جن بابت ڪرپشن جا الزام سامهون اچڻ تي ماڻهو حيران ٿي سگهن ٿا.

آفتاب ميمڻ سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن بورڊ آف روينيو سنڌ- سنڌسماءَچار فوٽو

آفتاب ميمڻ جي گرفتاري واري سلسلي ۾ نيب اختيارين کيس اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن آفتاب ميمڻ کي 13 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته آفتاب ميمڻ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جو سمورو رڪارڊ لڪائي رکيو آهي. سندس گرفتاري کانسواءِ رڪارڊ حاصل ڪرڻ مڪمل نه هو. نيب موجب آفتاب ميمڻ زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ ذريعي قومي خزاني کي 80 ڪروڙ رپين جو نقصان پهچايو آهي، ذريعن موجب آفتاب ميمڻ کي هڪ سياسي جماعت جي قيادت جي ويجهو سمجهيو ويندو آهي. نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار آفتاب ميمڻ رڪارڊ لڪائي رکيو آهي، جنهن سبب سندس گرفتاري کانسواءِ رڪارڊ حاصل ڪرڻ ممڪن نه هو. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جعلي بينڪ اڪائونٽس جي جاچ جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ اها گرفتاري ضروري هئي. ٻڌڻي دوران جوابدار پاران بار بار ڳالهائڻ تي جج محمد بشير پڇا ڪئي ته اوهان ڇا ٿا چوڻ چاهيو؟ هن (آفتاب ميمڻ ڏانهن اشارو ڪندي) کي به ٻڌي وٺون ته متان هي به بيمار ٿي پئي، جنهن تي عدالت ۾ ٽهڪڙا مچي ويا. نيب پراسيڪيوٽر واثق ملڪ دليل ڏيندي چيو ته ڪنهن به ڪميٽي الاٽمينٽ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو، آفتاب ميمڻ پاڻ 2014 ۾ جاري ڪيو هو. ان موقعي تي نيب طرفان جوابدار آفتاب ميمڻ کي جسماني ريمانڊ تي حوالي ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي. جج محمد بشير چيو ته اوهان ريمانڊ ڇو ٿا وٺڻ چاهيو، جنهن تي نيب چيو ته اسان کي وڌيڪ دستاويز حاصل ڪرڻا آهن. جوابدار آفتاب ميمڻ جي وڪيل چيو ته لينڊ ڊيپارٽمنٽ  ۽ ٻيا ماڻهو به الاٽمنٽ ڪندڙ به ڪميٽي ۾ شامل هئا، جيڪڏهن باقي ڪنهن ميمبر خلاف ڪيس ناهي ٺهيو ته منهنجي موڪل خلاف ڇو ٺاهيوويو.  وڪيل آفتاب ميمڻ چيو ته ڪميٽي جو رڳو هڪ ميمبر ڪيئن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري سگهي ٿو. قانون وارو سيڪريٽري به هن ڪميٽي جو ميمبر هوندو آهي، اهي سڀ ماڻهو جيڪڏهن جوابدار نامزد ناهن ته پوءِ رڳوهي اڪيلو ڇو ٿيو آهي.  جوابدار جي وڪيل چيو ته ڪميٽي جي فيصلي تي 7 ايڪڙ زمين منتقل ڪئي وئي، انهيءَ ڪميٽي ۾ اڳوڻو هاءِ ڪورٽ جوجج به شامل هو ۽ اها زمين سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد منتقل ڪئي وئي. آفتاب ميمڻ جي گرفتاري کانپوءِ نيب پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب آفتاب ميمڻ ڪراچي جي ضلعي ملير ۽ اوڀر ۾ سرڪاري زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ ذريعي قومي خزاني کي 80 ڪروڙ رپين جو نقصان پهچايو آهي. ذريعن موجب آفتاب ميمڻ کي هڪ سياسي جماعت جي قيادت جي ويجهو سمجهيو ويندو آهي.

آفتاب ميمڻ کي 13 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته آفتاب ميمڻ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جو سمورو رڪارڊ لڪائي رکيو آهي. سندس گرفتاري کانسواءِ رڪارڊ حاصل ڪرڻ مڪمل نه هو. نيب موجب آفتاب ميمڻ زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ ذريعي قومي خزاني کي 80 ڪروڙ رپين جو نقصان پهچايو آهي، ذريعن موجب آفتاب ميمڻ کي هڪ سياسي جماعت جي قيادت جي ويجهو سمجهيو ويندو آهي. نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار آفتاب ميمڻ رڪارڊ لڪائي رکيو آهي، جنهن سبب سندس گرفتاري کانسواءِ رڪارڊ حاصل ڪرڻ ممڪن نه هو. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جعلي بينڪ اڪائونٽس جي جاچ جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ اها گرفتاري ضروري هئي. ٻڌڻي دوران جوابدار پاران بار بار ڳالهائڻ تي جج محمد بشير پڇا ڪئي ته اوهان ڇا ٿا چوڻ چاهيو؟ هن (آفتاب ميمڻ ڏانهن اشارو ڪندي) کي به ٻڌي وٺون ته متان هي به بيمار ٿي پئي، جنهن تي عدالت ۾ ٽهڪڙا مچي ويا. نيب پراسيڪيوٽر واثق ملڪ دليل ڏيندي چيو ته ڪنهن به ڪميٽي الاٽمينٽ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو، آفتاب ميمڻ پاڻ 2014 ۾ جاري ڪيو هو. ان موقعي تي نيب طرفان جوابدار آفتاب ميمڻ کي جسماني ريمانڊ تي حوالي ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي. جج محمد بشير چيو ته اوهان ريمانڊ ڇو ٿا وٺڻ چاهيو، جنهن تي نيب چيو ته اسان کي وڌيڪ دستاويز حاصل ڪرڻا آهن. جوابدار آفتاب ميمڻ جي وڪيل چيو ته لينڊ ڊيپارٽمنٽ  ۽ ٻيا ماڻهو به الاٽمنٽ ڪندڙ به ڪميٽي ۾ شامل هئا، جيڪڏهن باقي ڪنهن ميمبر خلاف ڪيس ناهي ٺهيو ته منهنجي موڪل خلاف ڇو ٺاهيوويو.  وڪيل آفتاب ميمڻ چيو ته ڪميٽي جو رڳو هڪ ميمبر ڪيئن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري سگهي ٿو. قانون وارو سيڪريٽري به هن ڪميٽي جو ميمبر هوندو آهي، اهي سڀ ماڻهو جيڪڏهن جوابدار نامزد ناهن ته پوءِ رڳوهي اڪيلو ڇو ٿيو آهي.  جوابدار جي وڪيل چيو ته ڪميٽي جي فيصلي تي 7 ايڪڙ زمين منتقل ڪئي وئي، انهيءَ ڪميٽي ۾ اڳوڻو هاءِ ڪورٽ جوجج به شامل هو ۽ اها زمين سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد منتقل ڪئي وئي. آفتاب ميمڻ جي گرفتاري کانپوءِ نيب پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب آفتاب ميمڻ ڪراچي جي ضلعي ملير ۽ اوڀر ۾ سرڪاري زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ ذريعي قومي خزاني کي 80 ڪروڙ رپين جو نقصان پهچايو آهي. ذريعن موجب آفتاب ميمڻ کي هڪ سياسي جماعت جي قيادت جي ويجهو سمجهيو ويندو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *