Thursday , March 28 2024

زمينن تي قبضا، علي حسن بروهي خلاف ڊي سي ويسٽ جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) ڪراچي جي اولهه ضلعي ۾ سرڪاري زمينن تي قبضن ۾ ملوث علي حسن بروهي خلاف ڪارروائي تيز، ڊي سي اولهه ڪراچي علي حسن بروهي خلاف جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي. ڊپٽي ڪمشنر اولهه ڪراچي فياض سولنگي ضلعي ۾ سرڪاري زمينن تي قبضن ۾ ملوث ڄاڻايل جوابدار علي حسن بروهي خلاف جاچ جو دائرو وڌائيندي عوام کي به سهڪار جي اپيل ڪري ڪئي آهي.

ڊپٽي ڪمشنر اولهه ڪراچي چيو آهي ته، علي حسن زهري/ بروهي ولد جاڙو خان بروهي جنهن جو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر 42301-8253107-9 آهي، جيڪو شهيدبينظير آباد ضلعي ۾ به 3 هزار ايڪڙ سرڪاري زمين تي قبضو ڪري ويٺل طور مشهور آهي، ان خلاف ڪراچي اولهه ضلعي اندر به زمينن تي قبضا ڪري سرڪاري رڪارڊ ۾ هيراڦيري ڪئي آهي. ڊپٽي ڪمشنر اولهه ڪراچي فياض علي سولنگي جو چوڻ آهي ته، علي حسن بروهي زمينن تي قبضا ڪرڻ جي ڪيترن ئي ڏوههن ۾ ملوث آهي، علي حسن بروهي کي ڊي سي آفيس ڪراچي اولهه پاران سندس خلاف هڪ تفصيلي ۽ گهڻ پاسائين انڪوائري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ضلعي جي روينيو رڪارڊ مطابق علي حسن بروهي پاران زمينن جي ڪيل داخلائن جو هڪ وڏو تعداد مليو آهي، سموريون داخلائون مڪمل جاچ پڙتال کانپوءِ رد ڪيون ويون آهن، ان سان گڏ وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ واڳيل اعليٰ اختيارين کي به لکيو ويو آهي. ڊي سي اولهه موجب علي حسن بروهي جي هيراڦيرين بابت ڪنهن به شخص وٽ جيڪڏهن ڪابه معلومات آهي ته اهنو ڊي سي ڪراچي اولهه سان فوري طور رابطو ڪري، ان لاءِ ان شڪايت ڪندڙ جي شڪايتن جو مڪمل ازالو ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن اهو چاهيندو ته سندس سڃاڻپ ظاهر نه ڪئي ويندي.

منگهو پير ۾ 1000 ايڪڙن کان وڌيڪ سرڪاري زمين تي بنگالين ۽ افغانين جا قبضا، فئڪٽريون قائم

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *