Friday , March 29 2024

رينجرز هٿان گرفتار اڳوڻو صلاحڪار اسماعيل ڏاهري رمانڊ تي پوليس حوالي

نوابشاهه (رپورٽر   سنڌسماءَچار) دهشتگردي ٽوڙ عدالت هڪ ڏينهن اڳ رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل ڪارروائي دوران گرفتار ڪيل اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري  کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل ڪارروائي دوران گرفتار  ڪيل پ پ جي اڳوڻي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري  کي نوابشاهه جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت اسماعيل ڏاهري  کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي دولتپور پوليس جي حوالي ڪري  ڇڏيو آهي. هوڏانهن دولتپور ٿاڻي تي سرڪار طرفان ايس ايڇ او دولتپور امام الدين جي مدعيت ۾ داخل ڪيل ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم به شامل ڪيا ويا آهن.

رينجرز ۽ پوليس گڏيل طور تي ڪارروائي ڪندي پ پ جي اڳوڻي صوبائي صلاحڪار ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ويجهي ساٿي اسماعيل ڏاهري کي گرفتار ڪيو هو. ٻئي پاسي اسماعيل ڏاهري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مونکي هٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، منهنجا سمورا هٿيار لائيسنز وارا آهن.هنن چيو ته اسان جون سياسي دشمنيون به آهن ته ذاتي دشمنيون به آهن.اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري وڌيڪ چيو ته ادارن ۽ عدالتن کي ئي انصاف جي اپيل ڪيان ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *