Thursday , April 18 2024

رينجرز جون ڪارروايون، گاڏيون ڦريندڙ ٽولو گرفتار،ڦر ۽ چوري ڪيل51 گاڏيون هٿ

ڪراچي (سنڌسماءَچار نيوز) ملڪ جي مختلف علائقن مان گاڏيون ڦر ڪندڙ بين الصوبائي گروهه جي مک ڪردار سميت 16 ڄڻن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان ڦر ٿيل 51 گاڏيون هٿ ڪيون ويون، ان حوالي سان سچل رينجرز جي ڪمانڊر برگيڊيئر نسيم پرويز ڪراچيءَ ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ناظم آباد ۾ پوليس ۽ رينجرز ڇاپا هڻي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، سندن قبضي مان هٿيار ۽ ڦر ڪيل گاڏيون هٿ ڪيون ويون. جوابدارن جي نشاندهي تي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ آپريشن ڪري 16 ڄڻن کي گرفتار ڪيو، جنهن دوران 51 گاڏيون هٿ ڪيون ويون آهن، جڏهن ته جاچ کانپوءِ 10 ڄڻن کي آزاد ڪيو ويو، برگيڊيئر نسيم چيو ته گرفتار جوابدار بين الصوبائي چورن جي ٽولي جا ڪارڪن هئا ۽ چوري ٿيل گاڏين کي ڏوهن لاءِ استعمال ڪندا هئا. هن چيو ته جوابدارن رينٽ اي ڪار وارن کان به گهڻيون گاڏيون ڦر ڪيون. رينجرز عملدار موجب ٽولي جي سربراهه کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي مالڪن کي گاڏيون واپس ڪيون ويون آهن. هن چيو ته هٿ آيل گاڏين ۾ نئين ماڊل جون 39 گاڏيون به شامل آهن.برگيڊيئر نسيم دهشتگرديءَ جي خاتمي تحت رينجرز کي اختيار ڏنا ويا آهن ۽ ڏوهن خلاف رينجرز جون منصوبابندي سان ڪارروايون جاري آهن.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *