Friday , April 19 2024

رينجرز جا اختيار15 اپريل تي ختم ٿيندا، گهرو کاتي اختيار وڌائڻ واري سمري وڏي وزير کي موڪلي ڇڏي

rangers 2 rangers 1

رينجرز کي سنڌ ۾ پوليسنگ وارن اختيارن جو مدو 15 اپريل تي پورو ٿي رهيو آهي، گهرو کاتي رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ لاءِ سمري وڏي وزير کي اماڻي ڇڏي آهي، وڏي وزير کي اماڻيل سمري ۾ رينجرز جي پوليسنگ وارن اختيارن جو دائرو رڳو ڪراچي تائين محدود رکڻ جو چيو ويو آهي.

سنڌ جي گهرو کاتي پاران وڏي وزير کي اماڻيل سمري ۾ چيو آهي ته رينجرز جي مقرريءَ وارن اختيارن جو مدو 15 اپريل  تي ختم ٿي رهيو آهي.

گهرو کاتي پاران اماڻيل سمري ۾ چيو ويو آهي ته، رينجرز جي پوليسنگ وارن اختيارن جو مدو 15 اپريل تي ختم ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ واڌ ڪئي وڃي.

وڏي وزير کي اماڻيل سمري ۾ گهرو کاتي واضع ڪيو آهي ته رينجرز جي پوليسنگ وارن اختيارن ۾ واڌ کي صرف ڪراچي تائين محدود رکيو وڃي.

گهرو کاتي پاران موڪليل سمري ۾ چيو ويو آهي ته، سمري منظور ڪري رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن 13 اپريل تي جاري ڪيو وڃي، جيئن رينجرز پنهنجو ڪم جاري رکي سگهي، جڏهن ته رينجرز جي سنڌ ۾ مقرري وارا اختيار اڳ ئي موجود آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *