Friday , March 29 2024

رياض: سعودي عرب ۾ ٽرمپ جي زال ۽ ڌيءَ پردو ڪرڻ کان آجيون قرار..!!

Shahzadas saudian

سعودي عرب جي دوري دوران امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دوري دوران سندس زال ميلانيا ۽ ڌيءَ ايوانڪا به گڏ آهن. جيڪي پنهنجي روايتي لباس ۾ سعودي عرب جي سرزمين تي جهاز مان لٿيون.

سعودي عرب ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي عورتن جي بنا پردي جي گهمڻ ڦرڻ يا وري ڪنهن تقريب بنا پردي جي شرڪت ڪرڻ تي پابندي آهي، جنهن تي سختي سان عمل به ٿيندو/ ڪرايو ويندو آهي. پر امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دپري دوران ساڻس گڏ زال ۽ ڌيءُ بنا پردي جي جهاز ۾ لهڻ بعد سعودي جي پرڏيهي وزير حڪم جاري ڪيو آهي ته اُهي ٻئي عورتون سعودي جي دوري دوران ڪهڙي به قسم جو لباس پائي سگهن ٿيون.

Melania1Melania2

سعودي عرب ۾ ٽرمپ جي آمد کان ڪجھ پهريان حوثي باغين جو حملو

سعودي عرب جي گادي واري هنڌ رياض ويجهو سيڪيورٽي فورسز يمني حوثي باغين پاران ڪيل ميزائيل حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر ٽرمپ جي سعودي عرب جي دوري کا اڳ يمن مان حوثي باغين پاران رياض ويجهو الرين جي غير آباد علائقي ۾ ميزائيل فائر ڪيو ويو، سعودي ايئر فورس مطابق فائر ڪيل ميزائيل کي تباهه ڪيو ويو آهي، واضح رهي ته گذريل ڏينهن به سعودي ايئر فورس نجران جي علائقي ۾ فائر ڪيل ميزائيل کي تباهه ڪيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

نيٺ طالبان محمد حسن اخوند جي سربراهي ۾ حڪومت جوڙي ورتي

طالبان جي اڳوڻي باني امير ملا عمر جو پٽ  ۽ فوجي آپريشن جو سربراهه ملا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *