Friday , April 19 2024

رياض: آمريڪا جا سعودي عرب سان ،110 ارب ڊالرز جي دفاعي معاهدن سميت 380 ارب ڊالرز جي واپاري ياداشت نامن تي صحيحيون ڪري ڇڏيون

Trump03

سعودي عرب ۽ آمريڪا وچ ۾ 380 ارب ڊالرن جي معاهدن ۽ يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن، جن ۾ 110 ارب ڊالرز جو دفاعي معاهدو به شامل آهي، پرڏيهي خابرو اداري موجب رياض جي اليمامه شاهي محل ۾ ٿيل تقريب جي شروع ۾ سعودي بادشاهه، شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ ڊگهي عرصي واري اسٽريٽجڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون، ان معاهدي کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وزيرن دفاع، عسڪري پيداوار، توانائي ۽ ٽيڪنالاجي سميت سيڙپڪاري، تيل ۽ ٻين دلچسپي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ بابت معاهدن ۽ يادداشتن جي مٽا سٽا ٿي. ان کان اڳ ٻنهي ملڪن جي سربراهن سعودي بادشاهه ۽ آمريڪي صدر وچ ۾ بند ڪمري ۾ هڪ ڪلاڪ تائين ڳالهيون ٿيون. وائيٽ هائوس موجب اهي معاهدا دهشتگردي سان نبرڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندا، وائيٽ هائوس جي عهديدار موجب دفاعي معاهدو سعودي عرب ۽ نار خطي جي ڊگهي مد تي سلامتي ۾ مددگار ثابت ٿيندا.

ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجي پهرين پرڏيهي دوري تي سعودي عرب پهتو ته سندس شاهي استقبال ڪندي سعودي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز سندس آجيان ڪئي، آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ سان گڏ سندس گهرواري ميلانيا ٽرمپ ۽ ڌيءُ ايوانڪا ٽرمپ ۽ ناٺي جيرڊ ڪشنر به گڏ سعودي پهتا. صدر ڊونالڊ ٽرمپ اڄ آمريڪا عرب اسلامي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو، جنهن ۾ 35 ملڪن جا سربراهه شرڪت ڪندا، سعودي عرب پهچڻ کانپوءِ آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ سعودي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سعودي ولي عهد سميت شاهي خاندان جي اعليٰ اختيارين به شرڪت ڪئي، شاهي محل ۾ ٿيل ملاقات دوران ميلانيا ٽرمپ ۽ ايوانڪا ٽرمپ به موجود هيون. ملاقات دوران سعودي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو ته ٽرمپ جو دورو سعودي عرب سان گڏيل اسٽريٽجڪ سهڪار کي مضبوط ڪندو ۽ عالمي سيڪيورٽي ۽ استحڪام ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

Saudia01Saudai handshake

سعودي بادشاهه شاهه سلمان آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ کي ملڪ جي اعليٰ ترين سول ايوارڊ سان به نوازيو ۽ آمريڪي صدر جي مان ۾ مانجهاندو به ڏنو، جنهن کانپوءِ شاهي آرٽ گيلري جو به آمريڪي صدر کي دورو ڪرايو ويو ۽ کيس اسلامي فن پارن بابت بريفنگ ڏني وئي، ڊونالڊ ٽرمپ سعودي عرب پهچڻ تي ٽوئيٽر پيغام ۾ خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته ”رياض پهچڻ تي خوشي ٿي رهي آهي، منجهند ۽ شام جي ملاقاتن ۾ شرڪت جو انتظار آهي“ ٽرمپ جي گهرواري ميلانيا به ٽوئيٽ پيغام ۾ چيو ته ”سعودي عرب ۾ شاندار آجيان جي مهرباني“ سعودي بادشاهه شاهه سلمان پڻ ٽوئيٽ پيغام ۾ صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي آمد تي خوشي جو اظهار ڪيو.

دوري دوران ڊونالڊ ٽرمپ سعودي ولي عهد ۽ نائب ولي عهد سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪندو، جڏهن ته سعودي عرب ۽ آمريڪا جي پرڏيهي وزيرن گڏيل پريس ڪانفرنس پڻ ڪئي. ان موقعي تي سعودي پرڏيهي وزير عادل الجبير چيو ته صدر ٽرمپ جو دورو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ اهم موڙ آهي، آمريڪا سان فوجي سهڪار وڌائڻ چاهيون ٿا، اهي لاڳاپا ڊگهي مدت واري اسٽريٽجي ۾ تبديل ٿيندا. انتهاپسندي ۽ دهشتگردي خلاف مختلف طريقن سان نبرنداسين، آمريڪا سان به 380 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي ٺاهن/معاهدن تي صحيحون ڪيون.

Shahzadas saudian

آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن چيو ته سعودي عرب سان آمريڪا جا گهرا لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ دهشتگردي خلاف گڏيل محاذ ٺاهيندا، سعودي عرب سان دفاعي سهڪار وڌائڻ سميت 5 پئڪيجن تي اتفاق ٿيو آهي، هن چيو ته ايران دهشتگردي وڌائيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، ايران رويو تبديل ڪري ته ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهيون.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *