Wednesday , April 24 2024

روهڙي سيمينٽ فئڪٽري ۾ ڊائنامائيٽس ناڪاره بڻائڻ دوران ڌماڪو، مئنيجر سميت 5 ڄڻا شهيد

Rohiri blast02

سکر/گهوٽڪي(رپورٽ:زوهيب ڪمال پٺاڻ/رپورٽرز) روهڙي سيمينٽ فئڪڙي جي گودام ۾ رکيل ڊائنامائيٽس ناڪاره ڪرڻ دوران اوچتو ڌماڪو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ فئڪٽري جي مئنيجر ۽ رينجرز اهلڪارن سميت 5 ڄڻا شهيد ۽ 14 زخمي ٿي اسپتالن ڀيڙا ٿيا.  ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته ڌماڪو بارودي مواد ضايع ڪندي باھ لڳڻ سبب ٿيو آهي. روهڙي سيمينٽ فيڪٽري ۾ هڪ ڪمري اندر پيل بارودي مواد ضايع ڪندي باھ لڳڻ سبب ڌماڪي جي نتيجي ۾  ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ رينجرز اهلڪار الھڏنو منگي، پوليس جي بم ڊسپوزل اسڪواڊ جا 2 اهلڪار سليم رضا ڀٽو ، شاهد مغل ۽ پورهيت زبير امجد شهيد ٿي ويا.

Rohiri blast

جڏهن ته 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ سيمينٽ فيڪٽري انجنيئر  عبدالحق ٻرڙو، ڪمپيوٽر آپريٽر سمير قاضي، بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو ملڪ طاهر، صحافي لال بخش ڪانڌڙو ، قانون لاڳو ڪندڙ اداري جا اهلڪار زاهد حسين، سعيد قمر، تاج محمد، اظهر، فيڪٽري ملازم  شهزادو شامل آهن، جن کي سکر سول اسپتال ۽ خانگي اسپتالن حرا ۽ رينجرز منتقل ڪيو ويو.  ڌماڪي بعد پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن ڪڙو چاڙهي علائقي جي چڪاس ڪئي ۽ شهيدن جا مڙھ ۽ زخمين کي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو. سکر سول اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي سکر جي ڊي آءِ جي فيروز شاھ چيو ته واقعي جي جاچ ڪرائي ويندي جئين صحيح ڪارڻ ڄاڻي سگھجن. ڌماڪي واري هنڌ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي سکر جي ايس ايس پي امجد شيخ چيو ته محرم الحرام کي نظر ۾ رکندي ڪلين سئيپ آپريشن ڪيو پئي ويو، روهڙي سيمينٽ فيڪٽري جي انتظاميا بارودي مواد هجڻ جو چئي ان کي ضايع ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، جئين اهو مواد ڪنهن ٻئي مقصد سان استعمال نه ٿي سگھي. انتظاميا جي درخواست تي بم ڊسپوزل اسڪواڊ ٺاهيو جنهن مواد ضايع ڪيو پئي ته باھ لڳڻ سبب ڌماڪو ٿيو ۽ 5 ڄڻا شهيد ۽ 14 زخمي ٿيا آهن.  هن چيو ته فيڪٽري جي هڪ ڪمري ۾ 2 هزار ڪلو گرام کان وڌيڪ بارودي مواد پيل هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *