Tuesday , April 23 2024

روهڙي سانحي جو ڪيس گودام مالڪ سميت 15 ڄڻن تي داخل، دهشتگردي به ايڪٽ شامل

روهڙي (رپورٽر سنڌ سماءَچار) روهڙي جي ڇوهارا بازار ۾ گودام جي ڇت ڪرڻ واري سانحي جو سرڪاري فرياد تي، گودام مالڪ، سنڌ بلڊنگز ڪنٽرول اٿارٽي ۽ سنڌ سمال انڊسٽريز جي ڊائريڪٽرز سميت 15 جوابدارنب تي داخل ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، پر اڃا تائين ڪو هٿ ناهي آيو. روهڙي جي ڇوهارا مارڪيٽ ۾ گودام ۽ ڇوهارن جي بٺي جي ڊهڻ ۽ ان جي ڍير هيٺان 8 پورهيت عورتن ۽ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري سانحي جو ڪيس روهڙي ٿاڻي تي سرڪاري/ايس ايڇ او جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي. داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ گودام جي مالڪ مالڪ ڪرپال لال، سنڌ سمال انڊسٽريز جي ڊائريڪٽرعلاوالدين جوڻيجو، سنڌ بلنڊنگز ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر روشن علي ڪٽپر ۽ ڇوهارا مارڪيٽ جو صدر ديدار جتوئي کي جوابدار دار طور نامزد ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ايف آءِ آر ۾ لڪشمڻ لال، محمد عثمان، ٿيمو مل، اجيت پامر لال، سخاوت راءِ، رميش لال ۽ عبدالڪريم جتوئي سميت 15 ڄڻن کي جوابدار طور نامزد ڪيو ويو آهي. پوليس موجب ايف آءِ آر ۾ سيون اي ٽي اي / دهشتگردي ايڪٽ جو سيڪشن به لڳايو ويو آهي، جڏهن ته اڃا تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي.

ياد رهي ته خميس ڏينهن شام جو رهوڙي جي ڇو هارا مارڪيٽ ۾ گودام جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ان جي ڍير هيٺان دٻجي 8 عورتن سميت 13پورهيت فوت ٿي ويا هئا.فوتين ۾ سانحي ۾ ڪنڌڪوٽ جا 3، روهڙي جا 3 پورهيت شامل هئا. روهڙي سانحي ۾ جيڪب آباد جا 4 پورهيت، فوتين ۾تنگواڻي، ڪشمور ۽ گهوٽڪي جو هڪ هڪ پورهيت شامل هئا. فوتين ۾ 8 عورتون ۽ ٻارڙا شامل هئا. سانحي فوتين جي روهڙي ۽ سکر جي اسپتالن مان مڙهه پورهيتن جا وارث پنهنجي مدد پاڻ تحت کڻائي ويا هئا. انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن سند ڪا به مدد ڪون ڪئي هئي. فوتي پورهيتن جي وارثن وٽ هيل تائين ڪو به چونڊيل نمائندو لڙي ناهي ويو ۽ نه ئي سنڌ حڪومت سندن مالي سهائتا جو اعلان ڪيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *