Saturday , April 20 2024

روهينگا پناهگيرن کي سنڌ ۾ رهائڻ جو فيصلو وفاق ڪري سگهي ٿو:سعيد غني

Saeed Ghani 01PPP vote

پاڪستان پيپلز پارٽي پاران روهينگا پناهگيرن کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ بابت معاملي وفاقي حڪومت جي مرضيءَ تي ڇڏي  ڏنو آهي. پيپلز پارٽي جي ڪراچي صوبائي تڪ 114 تان ننڍي چونڊ ۾ ڪامياب ٿيل ايم پي اي ۽ اڳوڻي سينيٽر سعيد غني ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران چيو آهي ته، برما جي روهينگا پناهگيرن کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ جو فيصلو وفاقي سرڪار ئي ڪري سگهي ٿي. سعيد غني جو چوڻ هو ته پرڏيهي پناهگيرن کي ملڪ ۾ گهرائڻ ۽ ڪنهن به صوبي ۾ رهائڻ جو فيصلو ڪا به صوبائي حڪومت نه ڪندي آهي، اهڙي نموني روهينگا پناهگيرن کي به پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ يا گهرائڻ بابت فيصلو سنڌ سرڪار نه ٿي ڪري سگهي انڪري اهو فيصلو وفاقي سرڪار ئي ڪري سگهي ٿي.

سعيد غني جو چوڻ هو ته، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آءِ جي سنڌ جي بدلي واري فيصلي ۾ آءِ جي کي مڪمل بااختيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هڪ شخص کي ايترو بااختيار ڇو ڪيو ويو آهي جو ان کان ڪير به پڇاڻو نه ڪري سگهي ايتريقدر جو اسيمبلي به هڪ شخص کان پڇڻ جو حق نه رکندي هجي.

Rashid rabbaniNisar Khuhro 2waqar mehdiDr.-Asim-Hussain

ياد رهي ته سنڌ حڪومت ان جا وزير مشير توڙي ننڍا وڏا اڳواڻ آءِ جي سنڌ جي مقرري ۽ بدلي کي نج صوبائي مامرو قرار ماتم ڪندا رهيا آهن. سندن موقف آهي ته، اهو معاملو صوبائي خودمختياريءَ جو آهي. ٻي طرف پيپلز پارٽي جو اهم اڳواڻ سعيد غني روهينگا پناهگيرن کي گهرائي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ وارو مامرو وفاق تي ڇڏي ڏنو آهي. اهڙي معاملي تي سنڌ جي صوبائي خودمختياري وسري وئي اٿن. جڏهن ته ڪجھ عرصو اڳ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو، ڪراچي ڊويزن جي صدر ڊاڪٽر عاصم ڪراچي ۾ غيرقانوني طور آباد ٿيل عاصم بنگالين، بهارين ۽ برمين کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏيڻ سڃاڻپ جو پڻ اعلان ڪري چڪا آهن. جنهن لاءِ ڊاڪٽر عاصم حسين اعلان ڪيو هو ته سنڌ حڪومت کان هڪ ڪروڙ رپيا امداد به وٺرائي ڏيندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *