Tuesday , April 23 2024

رمشا وساڻ جو والد پرويز وساڻ ۽ جوابدار ذوالفقار عرف زلو وساڻ ڪٿي آهن؟ اهم انڪشاف

جوابدار ذوالفقار عرف زلو وساڻ       قتل ڪيل ناري رمشا وساڻ

خيرپور/ڪراچي(خاص نمائدو/ رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪنب ڀرسان ڳوٺ پير گڊو ۾ قتل ڪيل نياڻي رمشا وساڻ جو والد صوبائي وزير منظور وساڻ جي تحويل ۽ قتل ڪيس جو مک جوابدار سندس پناهه ۾ آهي. رمشا قتل ڪيس بابت اعتماد جوڳن ذريعن کان ملوم ٿيو آهي ته، ڪنب ڀر سان هٿياربندن پاران گهر اندر حملو ڪري بي رحمي سان قتل ڪيل نياڻي رمشا وساڻ جو والد پرويز وساڻ اڳوڻي صوبائي وزير منظور وساڻ وٽ قيد بڻيل آهي، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پرويز وساڻ تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته هُو پنهنجي نياڻي جي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيڻ واري پوليس جي داخل ڪيل ڪيس تي راضي ٿئي، ٻي صورت ۾ کيس ۽ سندس ڪٽنب کي وڌيڪ نقصان پهچي سگهي ٿو. ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب پرويز وساڻ نياڻي جي قتل واري ڏينهن کان وٺي وساڻن جي تحويل ۾ آهي، جنهن کي ڪوٽڏيجي ۾ ئي مختلف هنڌ تي رکيو پيو وڃي ۽ وقفي سان سندس حراست جو هنڌ به تبديل ڪيو پيو وڃي.ان سلسلي ۾ مليل معلومات مطابق نياڻي رمشا وساڻ جي امڙ کي به مختلف طريقن سان ڊيڄاريو ۽ ڌماڪيو پيو وڃي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پرويز وساڻ ٻن ڏينهن دوران لڳ ڀڳ 5 هنڌن تي رکيو ويو آهي، ان دوران ٻن کان وڌيڪ ڀيرا ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل به بااثر سياسي شخصيت جون حاضريون ڀري چڪو آهي.

رمشا وساڻ جي قتل ڪيس جي مک جوابدار ذوالفقار عرف زلو وساڻ جيڪو پ پ اڳواڻ منظور وساڻ جي ماروٽ جو پٽ آهي، ان بابت منظور وساڻ هيل تائين ڪا به تصديق يا ترديد ناهي ڪئي. زلو وساڻ آهي ڪٿي واري سوال به ماڻهن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. ان بابت سنڌسماءَچار جي معلومات مطابق جوابدار اڳوڻي صوبائي وزير منظور وساڻ جي پناهه ۾ آهي، ذريعن موجب جوابدار واقعي کان فور بعد ڪراچي روانو ٿي ويو هو، سندس والد ۽ منظور وساڻ جي ماروٽ ماستر شاهنواز وساڻ کيس ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ پناهه ڏياري هئي. ميڊيا خاص طور تي سوشل ميڊيا تي معاملي تي آواز اٿارڻ کانپوءِ رمشا قتل ڪيس جي مک جوابدار کي ڪراچي ڇڏڻ جو چيو ويو آهي. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب، قتل ۾ ملوث مک جوابدار ۽ اڳوڻي صوبائي وزير منظور وساڻ جي سڳي ماروٽ ماستر شاهنواز جو پٽ ذوالفقار وساڻ ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث رهيو آهي، پر ڪڏهن به پوليس کيس هٿ ناهي لڳايو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *