Saturday , April 20 2024

رمشاوساڻ ڪيس:”مونکي  بچايو يا کليل عدالت ۾ سڀ سچيون ڪندس“:جوابدار جو بااثرن کي چتاءُ

خيرپور(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڳوٺ نواب وساڻ ۾ جوابدارن پاران گهر اندر گهڙي قتل ڪيل نينگري رمشا وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار مک جوابدار ذوالفقار عرف زلو وساڻ، بااثر ماڻهن کي سندن اڇاچٺا پڌرا ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار کي بيماري جي بهاني سان اسپتال داخل ڪرايو ويندو.  رمشا وساڻ جي قتل ڪيس ۽ مک جوابدار ذوالفقار عرف زلو وساڻ بابت سنڌسماءَچار کي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته، جوابدار زلو وساڻ علائقي جي انهن بااثر ماڻهن کي پنهنجي جان ڇڏائڻ لاءِ چتاءُ ڏنو آهي، جيڪو پيغام کين / بااثرن کي پهچايو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، زلو وساڻ انهن بااثر ماڻهن جن لاءِ هُو ڪم ڪندو رهيو آهي ۽ اُهي سندس سهولتڪار رهيا آهن انهن کي پيغام ڏياري موڪليو آهي ته،” مونکي بچايو وڃي، ان لاءِ اوهان کي  ڇا ڪرڻو آهي اُهو اوهان جو مسئلو آهي. اوهان جي چوڻ تي مان جيڪو ڪجهه ڪندو رهيو آهيان ان جي اوهان کي به خبر آهي. رمشا ڪيس جي قتل ڪيس ۾ به اوهان جيڪري ئي گرفتار ٿيڻو پيو(اوهان گرفتار ڪرايو)“.

زلو وساڻ بااثر ماڻهن کي اهو چيو آهي ته، ” جيڪڏهن اوهان ڪم لٿو ڊکڻ وسريو واري ڳالهه ڪند ته پوءِ مان کليل عدالت ۾ اعترافي بيان رڪارڊ ڪرائيندس، جنهن ۾ پنهنجي ڏوهن سميت سڀني جا اڇا  ڪارا عدالت کي ٻڌائيندس“. سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته، جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ تي  جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ذريعن اهو به امڪان ظاهر ڪيو آهي ته جاچ پوليس جوابدار جو رمشا قتل ڪيس ۾ وڌيڪ جسماني رمانڊ لاءِ درخواست نه ڪري کي عدالت کيس، جڊيشل رمانڊ / عدالتي تحويل ۾ جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته رمشا ڪيس يا دهشتگردي عدالت ۾ هلندڙ ڪيسن مان ڪنهن ۾ به جوابدار جي جيل ڪسٽڊي ۾ وڃڻ شرط سندس بيماري جو بهانو ڪري اسپتال داخل ڪرايو ويندو. ان حوالي سان سنڌ سماءَ چار جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، زلو وساڻ کي بچائڻ لاءِ مختلف طريقن سان ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ڇو ته ايف آءِ آر ۾ ڪارنهن الزام جو به ذڪر ٿيل آهي. جيڪڏهن عدالت ڪيس دهشتگردي ايڪٽ تحت اينٽي ٽيررزم ڪورٽ منتقل ڪرڻ لاءِ ڪي حڪم ڏئي ٿي ته پوءِ معاملو بااثرن جي هٿ مان نڪري سگهي ٿو. عدالت ڪيس دهشگردي ٽوڙ عدالت ڏانهن منتقل ڪرڻ جي به اجازت ڏني آحي، پر اهڙي فيصلي جو لکت ۾ حڪم اڃا جاري ناهي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *