Thursday , March 28 2024

رزلٽ ٽرانسفر سسٽم اليڪشن عملي نااهلي سبب متاثر ٿيڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) چونڊن دوران آن لائن نتيجا شيئرڪرڻ واري، رزلٽ ٽرانسميشن سسٽم (آر ٽي ايس) جي ناڪاميءَ جو ڪارڻ اليڪشن عملي جي نااهلي سبب ناڪام ٿيو. نادرا پاران آر ٽي ايس بابت جوڙيل انٽرنل جاچ ٽيم پاران ڪيل جاچ جي رپورٽ اليڪشڻ ڪميشن کي ملي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ذرفيعن کان  مليل ڄاڻ مطابق آر ٽي ايس بابت جوڙيل جاچ ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته، آر ٽي ايس جي ناڪامي جي ڪارڻ جي ذميوار نادرا ناهي پر اليڪشن عملي جي نااهيل سميت اليڪشن ڪميشن سان لاڳاپيل ٻيا به ڪجهه سبب هئا. رپورٽ ۾ مطابق آر ٽي ايس 25 جولاءِ تي صحيح ڪم ڪري رهيو هو ۽ شام 6 وڳي کان 27 جولاءِ جي شام 4 وڳي تائين آر ٽي ايس ذريعي نتيجن جي وصولي جو عمل جاري رهيو؛ پر چونڊ عملي کي ان جي استعمال ۾ مهارت جي کوٽ رنڊڪ جو سبب بڻي. رپورٽ موجب ٿري جي انٽرنيٽ جي عدم موجودگي آر ٽي ايس جي ناڪامي جو وڏو سبب بڻي، ڇو ته ڪيترن ئي پريزائيڊنگ ۽ اسسٽنٽ پريزائيڊنگ آفيسرن وٽ سمارٽ فونز ئي موجود نه هيون ۽ ڪيترائي ٽيڪنالاجي جي استعمال ۾ مهارت نه رکندڙ هئا، جڏهن ته سسٽم ۾ ڊيٽا فيڊ ڪرڻ جو اختيار رڳو انهن وٽ هو. رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پريزائيڊنگ آفيسرن جي سمارٽ فونز ۾ گهٽ علمي، موبائل چارنگ مسئلن ۽ ڊيٽا پيڪيج نه هجڻ سبب نتيجا آر ٽي ايس ذريعي نه پهچي سگهيا، اهڙي ريت اليڪشن ڪميشن جو رات 2 وڳي کان اڳ غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن جو دٻاءُ به ناڪامي جو سبب بڻيل رهيو، ڇو ته رات 2 وڳي جي ڊيڊ لائن لاءِ اليڪشن ڪميشن آر ٽي ايس کي باءِ پاس ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *