Wednesday , April 17 2024

رحمان ملڪ جي پاناما اسڪينڊل ۾ جي آءِ ٽي کي به سرمو پارائڻ جي ڪوشش

Rahman Malik 02

پاناما اسڪينڊل جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم کي به ابتا جواب ڏئي سرمو پارائڻ جي ڪوشش ڪئي. جي آءِ ٽي پاران سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ جا تفصيل آهستي آهستي سامهون اچي رهيا آهن. جي آءِ ٽي آڏو شاهد طور بيان رڪارڊ ڪرائيندڙ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير ۽ پ پ اڳواڻ رحمان ملڪ جي رڪارڊ ڪرايل بيان جو به هڪ حصو منظر تي اچي ويو آهي. هڪ نجي ٽي وي چئنل جي رپورٽ موجب اڳوڻي وفاقي وزير رحمان ملڪ پاران پنهنجي ايف آءِ اي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي نوڪري دوران شريف ڪٽنب جي ڪرپشن جي جاچ ڪرڻ بابت شاهد طور پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرايو هو.

جي آءِ ٽي جي منظر تي آيل رپورٽ ۾ رحمان ملڪ بابت ڄاڻايو آهي ته، رحمان ملڪ نواز شريف سميت شريف ڪٽنب جي ڪرپشن وارن ڪيسز جي جاچ بابت پڇيل سوالن جا جواب صحيح نه ڏنا. رپورٽ موجب رحمان ملڪ پڇيل سمورن سوالن تي جاچ ٽيم کي گمراهه / اونداهي ۾ رکڻ/ معاملي کي ٿيڙ ڏيڻ جهڙا جواب ڏنا.

ياد رهي ته رحمان ملڪ جي آءِ ٽي آڏو بيان رڪارڊ ڪرائڻ کانپوءِ جوڊيشل اڪيڊمي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي هئي ته، شريف ڪٽنب جي ڪرپشن خلاف اٿاريل مامري جي مئچ کٽڻ واريون ڳالهيون ڪندڙ ڌريون ياد رکن ته ان مئچ لاءِ پچ هُن يعني رحمان ملڪ تيار ڪئي هئي. رحمان ملڪ چيو هو ته جي آءِ ٽي سندس رڪارڊ ڪرايل بيان ۽ پڇيل سوالن جي جوابن مان تمام گهڻي مطمئن ٿي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *