Thursday , April 25 2024

رتوديرو: ٻن ڌرين ۾ خوني جهيڙو، فائرنگ 3 ڄڻا قتل

ratodero murder3 ratodero murder1 ratodero murder2

رتوديرو ويجهو ٻن ڌرين ۾ پراڻي خوني تڪرار ٻيهر ڪر کنيون آهي، لولائي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪريار تان بنگل ديرو روڊ تي وجهه وٺي بيٺل هٿياربندن لاڙڪاڻي ويندڙ 3 ڄڻن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا. فائرنگ ۾ قتل ٿي ويلن جي سڃاڻپ محمد بخش لولائي، فيض محمد ۽ محمد سچل لولائي جي نالن سان ٿي وئي آهي.

مارجي ويل ڳوٺاڻن جي وارثن جو چوڻ آهي ته ٽئي ڄڻا اڄ لاڙڪاڻي ڪيسن جي شنوائي لاءِ ويل هئا، جن کي رستي ۾ مخالف ڌر جي ماڻهن بنا جواز جي قتل ڪري ڇڏيو. مارجي ويل ٽنهي ڄنن جا لاش رتوديرو اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.

 

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *