Tuesday , April 23 2024

راڻيپور ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، انجنيئر مارجي ويو

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) راڻيپورجي هندو پاڙي ۾ اڻسڃاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري انجنيئر کي قتل ڪري فائرنگ ڪندا ڀڄي ويا، پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ اڃا تائين ڪو به قدم ناهي کنيون، مارجي ويل انجنيئر چندر مل جي پٽ چيو آهي ته سندن ڪنهن سان ڪا به دشمني نه آهي. www.sindhsamaachar.com جي خيرپور مان خاص نمائندي جي رپورٽ موجب آچر ۽ سومر جي وچ واري رات جو دير سان راڻيپور شهر جي هندو پاڙي ۾ اهٿياربندن فائرنگ ڪري انجنيئر ۽ علائقي جي مشهور شخصيت چندر مل کي ان وقت فائرنگ ڪري قتل ڪيو جڏهن هُو پنهنجي گهر جي ٻاهران بيٺو هو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته جوابدار قتل ڪرڻ بعد فائرنگ ڪندا ڀڄي ويا. اطلاع تي پوليس پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪرائي ڇڏيو. مقتول جي پُٽ ستيش ڪمار جو چوڻ آهي ته ڪنهن سان به دشمني نه آهي، خبر ناهي ته سندس والد کي ڪنهن قتل ڪيو آهي. ٻئي پاسي راڻيپور پوليس جو چوڻ آهي ته علائقي جي ناڪابندي ڪئي وئي آهي، جوابدرارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *