Thursday , April 25 2024

راڻيپور واسي نادر راڄپر قتل، ناري ڀرسان لاش هٿ

ٺري ميرواهه (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) راڻيپور واسي نوجوان جو ڪار مان لاش هٿ ڪيو ويو، آهي، ناري ڀرسان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ نادر علي راڄپر جي نالي سان ڪئي وئي آهي. ناري واري علائقي ۾ ڪوٽڏيجي روڊ تان هڪ شخص جو ڪار ۾ گوليون لڳل لاش ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڪيو. اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتي لاش جي سڃاڻپ نادر علي راڄپر طور ڪئي وئي آهي. نادر راڄپر جي قتل بابت پوليس جو چوڻ آهي ته، معاملي جي جااچ ڪئي پئي وڃي، پوسٽ مارٽم ب عد مڙهه وارثن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب وارثن چيو آهي ته، نوجوان جي مڙهه جي تدفين ۽ ڪانڌپي کانپو ڪيس داخل ڪرايو ويندو. پوليس جو چوڻ آهي ته، هُو معاملي جي ڪيس داخلخ ٿيڻ کان پهريان ئي جاچ شروع ڪري ڏني آهي، معاملي جي تهه تائين پهچڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *