Friday , March 29 2024

راڻيپور: سنڌي ادبي سنگت جي نئين چونڊيل عهديدارن جي مان ۾ آجياڻو

راڻيپور(شير محمد سولنگي) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي نئين چونڊيل مرڪزي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي چيو آھي ته ادبي سنگت ۽ سنڌي ٻولي اسان جو محور آھي مون سان گڏ چونڊجي آيل ٻيا چار ميمبر منھنجو حصو آھن ھن اھڙن خيالن جو اظھار راڻيپور ۾ انٽرنيشنل پريس ڪلب پاران سندس مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ صحافين کي خطاب ڪندي چيو ته نئين پينل ۾ اميدون رکندڙ سنڌ جي ماڻھن کي ڪڏھن به مايوس نه ڪيو ويندو ھن چيو ته اسان ۾ ڪي به اختلاف نه آھن چونڊيل چار ميمبرن کي به گڏ کڻي ھلبو سڄي سنڌ جي شاخن جو نئين سر جائزو ورتو ويندو جيڪي شاخون سر گرم نه آھن انھن کي 3 مھينن اندر سر گرم ڪري ڏيکاريندس جڏھن ته آجياڻي واري تقريب کي سابقه سيڪريٽري تاج جويو ڊاڪٽر مخمور بخاري ڊاڪٽر ذاڪر سولنگي قربان گل چنو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ۽ انھي موقعي تي قاسم ملڪ سيد زوار حسين شاه گلڻ ڄامڙو رحيم سولنگي ديدار عباسي وحيد ڄامڙو ميان مظھر مولائي ۽ ٻيا صحافي موجود ھئا.

راڻيپور ۾ جشن آزادي ڏينھن جون تياريون عروج تي  

آزادي ڏينھن ملھائڻ لاء تياريون زور شور سان جاري آھن ھر گاڏي گھر اسڪول پريس ڪلب ۽ ھر دفتر سميت سڄو شھر پاڪستان جي جھنڊن سان سينگاريل آھي 14 اگسٽ ڏينھن سچل سرمست بوائز ڊگري ڪاليج ايور شائن ھائير سيڪنڊري اسڪول مظھر مسلم ماڊل ھائير سيڪنڊري اسڪول بزم گلڻ شاه لطيف فائونڊيشن مسلم ليگ ( ف ) پي ٽي آء ٽائون ڪاميٽي ۽ آء پي سي پاران جشن آزادي جون ريليون ڪڍيون وينديون جيڪي سچل سائين جي درگاه تي پھچي ملڪ جي امن ۽ سلامتي لاء خاص دعائون گھرڻ بعد جتي مٺايون پڻ تقسيم ڪيون وينديون بعد انٽرنيشنل پريس ڪلب آڏو ھڪ عظيم الشان جلسو منقعد ڪيو ويو آھي جتي ھزارن جي تعداد ۾ شامل ماڻھن کي مختلف سياسي سماجي ادبي ۽ ادارن جا ناليوارا اڳواڻ پڻ خطاب ڪندا جڏھن آخر ۾ پاڪستان جي 70 ھين سالگره موقعي تي محفل موسيقي سميت ٻيا تفريحي پروگرام به ڏنل ترتيب موجب پيش ڪيا ويندا

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *