Thursday , April 18 2024

راڻيپور: درگاهه صوفي بزرگ پير آريبھڻ جو ٽن ڏينهن وارو ساليانو جاري

راڻيپور (شيرمحمدسولنگي) راڻيپور ڀرسان قديمي درگاه صوفي بزرگ پير آريبھڻ جو ٽي روزه سالياني عرس جون ٽن ڏينهن واريون تقريبون شروع ٿي ويو آهن، جنهن  ۾ سڄي سنڌ مان عقيدتمندن جي آمدم جو سلسلو به جاري آهي. نظير احمد ڄامڙو ھزارين مريدن، عقيدتمندن ۽ علائقي واسين سان گڏجي ريلي جي صورت ۾ درگاهه تي پهچي چادر چاڙهي عرس جي تقريبن جو باقائده افتتاح ڪيو. ان موقعي تي سندس صاحبزادو چيئرمين يونين ڪائونسل جھنڊو مشائخ ناليوارو قانوندان فدا احمد ڄامڙو سميت ڄامشورو مان آيل رئيس غلام سرور سيوھڻ جو حاجي محمد جمن دادو جو غلام حيدر سجاول جو غلام محمد شفيع محمد چوھڙ جمالي جو غلام شبير گھوڙا ٻاري جو عبدالقادر ۽ پنجاب جي علائقي راجنپور مان نظر محمد اقبال ايڊوڪيٽ ڄام محبوب ۽ ٻيا به شريڪ ٿيا. نظير احمد سميت ٻين مھمانن جو سنڌ جي شان اجرڪن ۽ گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو ويو درگاه تي رٿيل تقريب کي ٻين معززين سميت نظير احمد ڄامڙي پنھنجي خطاب ۾ ڇيو ته درگاھن تان امن جو درس ملي ٿو 20 ورھين کان قوم جي خدمت ڪري علائقي جا مسئلا ڪري رھيا آهيون. جڏهن ته عرس جون تقريبون ٽن ڏينهن تائين جاري ره نديون.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *