Friday , March 29 2024

راونتي واسي نينگرپنجن ڏينهن کان گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ

Ghotki Gum

راونتي (محمد بچل گهنڃون-سنڌسماءَچار)  شهر جي رهائشي ڪالوني مان شهري 5 ڏينهن پهريان شهري غلام محمد جو 12 ورهين جو پٽ پراسرار نموني گم ٿين ويو آهي، جنهن جو ڳولا باوجود ڪو به ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو. وارثن شڪ ظاهر ڪيو آحي ته سندن نينگري کي اغوا ڪيو ويو آهي، پوليس نينگر کي هٿ ڪرڻ لاءِ سهڪار ڪري. گم ٿيل نينگر جي والد غلا نبي جي پيءُ غلام محمدسنڌسماءَچار جي عجيوضي کي ٻڌايو ته سندس پٽ 5 ڏينهن اڳ ڪم سانگي گهر کان ٻاهر شهر طرف ويو هو، جيڪو واپس نه ٿيو ته شهر جي مسجدن مان اعلان ڪرايا ۽ علائقي ۾ به ڳولا ڪئي پر اڃان تائين سندس ڪو به ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو. هن چيو ته پٽ جي گم ٿيڻ جو اطلاع راونتي ٿاڻي تي به ڏنو پر پوليس اڃا تائين ڪو به قدم ناهي کنيون، کيس خدشو آهي ته سندس پٽ کي اغوا ڪيو ويو آهي.هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته سندس پٽ کي هٿ ڪرڻ ۾ سندس مدد ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *