Friday , March 29 2024

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد جو افغان صدر اشرف غني سان فون تي رابطو

راولپنڊي: پاڪ فوج جي سربراه قمر جاويد باجوه افغان صدر اشرف غني کي فون ڪري ڌماڪن تي افسوس جو اظهار ڪيو، آرمي چيف چيو ته دهشتگرديءَ سبب ٻنهي ملڪن جو نقصان ٿيو آهي، پاڪستان ۾ دهشتگردن جو ڪو به مضبوط ٺڪاڻو نه آهي، الزامن کان پاسو ڪرڻ گهرجي،الزامن سان امن دشمن مضبوط ٿين ٿا.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو ويو آهي ته، آرمي چيف جنرل راحيل شريف افغان صدر اشرف غني کي فون ڪئي جنهن ۾ هن افغانستان ۾ ٿيل ڌماڪن سبب انساني جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو.

بيان موجب آرمي چيف قمر جاويد باجوه افغان صدر کي خاطري ڪرائي تي پاڪستان ۾ دهشتگردن جا ڪي به ٺڪاڻا نه آهي،الزامن سان پرڳڻي ۾ امن دشمن مضبوط ٿين ٿا.

آرمي چيف چيو ته،ٻنهي ملڪن جو عوام ڪيتري عرصي کان دهشتگردي جو شڪار آهي،دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جو افغانستان سان سهڪار جاري رهندو.

جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته، دهشتگردي خلاف جاري آپريشن ۾ دهشتگردن جا سمورا ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا آهن ۽ انهن خلاف ڪارروايون جاري آهن.

آرمي چيف چيو ته، پاڪستان- افغانستان  بارڊر مئنجمنٽ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، سرحد تي دهشتگردن جي چرپر روڪڻ لاءِ انٽيليجنس سهڪار جي به  ضرورت آهي.

ان موقعي تي افغان صدر اشرف غني، آرمي چيف جي ڌماڪي ۾ ٿيل افسوس تي  ٿورا مڃيا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *