Thursday , April 25 2024

رائو انوار نقيب قتل جو ذميوار قرار، عدالت کان مٿانهون قتل آهي: جي آءِ ٽي پاران رپورٽ تيار

ڪراچي (رپورٽر   سنڌسماءَچار) نقيب الله قتل ڪيس بابت قائم جي آئي ٽي پنهنجي رپورٽ گهرو کاتي کي پيش ڪري ڇڏي آهي، رپورٽ ۾ رائو انوار کي  عدالت کان مٿانهن قتلن جو ذميوار قرار ڏيندي ان عمل کي دهشتگردي قرار ڏئي ڇڏيو. سنڌ پوليس جي ايڊيشنل آءِ جي آفتاب پٺاڻ جي سربراهي ۾ قائم جي آئي ٽي پنهنجي رپورٽ تيار ڪري ورتي، جنهن ۾ ڊي پي او بهاولپور  جي رپورٽ جو به ذڪر ڪيو ويو آهي .ڊي پي او بهاولپور مطابق رائو انوار هٿان مارجي ويل  محمد صابر ۽ محمد اسحاق جو ڪوبه ڪرمنل ريڪارڊ ناهي. جي آئي ٽي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته رائو انوار نقيب الله ۽ ٻين شهرين جا  عدالت کان مٿانهان قتل ڪيا ويا، رائو انوار ۽ ٻين پوليس آفيسرن جو عمل دهشتگردي آهي.  جي آئي آٽي رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته نقيب الله ۽ ٻين جو ڪوبه ڏوهي هجڻ جو ريڪارڊ موجود ناهي.عدالت کان مٿانهن قتلن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ميڊيا جي اڳيان ڪوڙ ڳالهايو، واقعي کانپوءِ رائو انوار ۽ ٻين پوليس عملدارن  ثبوت به ضايع ڪيا. رپورٽ مطابق رائو انوار ۽ ٻين جوابدارن پنهنجن اختيارن جو به غلط استعمال ڪيو، جوابدارن جو مقصد پنهنجن ٻين غير قانوني قدمن کي تحفظ فراهم ڪرڻ هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *