Thursday , March 28 2024

دفن ٿيل ڪالاباغ رٿا ضياءَ جي حڪومت ۾ ختم ٿي وئي هئي: پيرڳاري جي دعويٰ

نوابشاهه( رپورٽر   سنڌسماءَچار) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ( جي ڊي اي) پاران عام چونڊن جي سلسلي ۾ نوابشاهه ۾ پهرين ۽ ڀرپور سياسي طاقت جو مظاهرو ڪري ڇڏيو آهي، جلسي کي خطاب ڪندي جي ڊي اي سربراهه پيرپاڳارو اها دعويٰ ڪئي آهي ته، ڪالاباغ ڊيم وارو منصوبو ضياءَ جي حڪومتي دور ۾ ئي دفن ٿي چڪي هئي، پر پيپلز پارٽي جي حڪومت اچڻ شرط ان لاءِ بجيٽ رکي وئي هئي، جي ڊي اي سربراهه چيو ته، هن ڀيري پيپلزپارٽي کي چونڊن ۾ شڪست ڏني ويندي، پ پ جي مخالفت ۾ جتي به آزاد اميدوار بيٺل آهن ۽ اتي اسان جا اميدوار ناهن ته اتي آزاد اميدوارن کي اسان ووٽ ڏينداسين.  نوابشاهه ۾ قاضي احمد روڊ تي پ پ مخالف گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي جلسي کي خطاب ڪندي پير پاڳاري چيو ته ڀاشا ڊيم جي تعمير جو حڪم ڏيڻ تي چيف جسٽس جا ٿورائتا آهيون، جي ڊي اي جي سڀني ماڻهن کي اپيل ڪيان ٿو ڊيم جي تعمير لاءِ مدد ڪن. هن چيو ته پ پ جي دور ۾ بارداڻو اڳواٽ ۾ ئي وڪرو ڪيو ويو، ڪمند جي آبادگارن سان ناانصافيون ڪيون ويون. پيرپاڳاري چيو ته سنڌ جا ماڻهو بهتر مستقبل چاهين ٿا ته جي ڊي اي کي ووٽ ڏين.

جلسي کي خطاب ڪندي جي ڊي اي اڳواڻ اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي. هن چيو ته گذريل چونڊن ۾ اسان جي فتح کي شڪست ۾ تبديل ڪيو ويو هو. اياز لطيف پليجو چيو ته وڏيرن مان جان ڇڏائڻ جو وقت اچي ويو آهي، 25 جولاءِ تي سنڌ جا ماڻهو ڪرپٽ مافيا کان پلاند ڪندا. اياز پليجو چيو ته، سنڌ جي ماڻهن پ پ جي لڪرپشن ۽ پنهنجا نوازي جي 10 سالن واري ڪارڪدگي کي چڱي طرح پرکي ورتو آهي ۽ هاڻي اهي قرض لاهڻ وارين ڳالهين ۾ نه ايندا. هن چيو ته هن ڀيري عام چونڊن ۾ سنڌ جو عوام سنڌ دوپست ۽ عوام دوست جي ڊي اي جي اميدوارن کي ئي ووٽ ڏيندو. جلسي کي خطاب ڪندي غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته، پ پ جي حڪومت سنڌ ۾ گذريل 10 سالن کان وٺي حڪومت ۾ رهي، پر سندن حڪومت ۾ سنڌ جي زراعت تباهه ٿي ۽ آبادگار توڙي عام هاري معاشي طور تي ڏيوالپڻي جو شڪار بڻجي ويا. هن چيو ته شگر ملز مافيا ڪنهن جي آهي اها ڳالهه سڌ جو ٻچوٻچو ڄاڻي ٿو، ڪمند جي آبادگارن ڪراچي ۾ حڪمرانن تشدد ڪيو، احتجاج ڪندڙ استاد هجن، يا آبادگار پر انهن کي ڪراچي رستن تي گهليو ۽ تذلي ڪئي وئي. مرتضيٰ جتوئي جو چوڻ هو ته هاڻي سنڌ جا ماڻهو سجاڳ ٿي چڪا آهن ۽ قرض واري راڳ کي به سمجهي چڪا آحن. هن چيو ته 25 هين جولاءِ تي فتح عوام دوست  جي ڊي اي جي اميدوارن جي ٿيندي ۽ مخالفن جي هي اليڪشن  آخري هوندي، سندن ضمانتون ضبط ٿي وينديون.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *