Thursday , April 25 2024

دعا منگي ۽ بسما جي اغوا ۾ ملوث 2 جوابدار ذوهيب ۽ مظفر گرفتار، ٽن جي ڳولا جاري

دعا ۽ بسما جي اغوا ۾ ملوث مک ڪردار اڳوڻو پوليس آفيسر آغا منصور کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي

ڪراچي(رپورٽر: سنڌ سماءَ چار) ايڊيشنل آءِ جي ۽ ڪراچي پوليس چيف دعويٰ ڪئي آهي ته ڪجهه مهينا اڳ ڊفينس مان ٻن نارين دعا منگي ۽ بسما جي اغوا ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻنهي کي اڄ / خميس ڏينهن عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ ورتو ويوندو، گرفتار جوابدارن ۾ ذوهيب قريشي ۽ مظفر شامل آهن، 3 جوابدار فرار آهن. ڪراچي پوليس جي سربراهه ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بسمه ۽ دعا منگي جي اغوا ۽ ٻنهي جي بازيابي کانپوءِ سندن اغوا ڪارن کي ڳولهڻ ڏاڍو ڏکيو لڳي رهيو هو، پر پوليس پنهنجي ڪوششن کي جاري رکيو ۽ همٿ نه هاري. غلام نبي اهو جوابدارن کي ڪٿان ۽ ڪڏهن گرفتار ڪيو ؟ بابت ٻڌائڻ کانسواءِ چيو ته پوليس جي ڪوششن سان ٻنه جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، سندن قبضي مان گاڏي، موبائل فونز ۽ ٻيو سامان به هٿ ڪيو آهي، ايڊيشنل آءِ غلام نبي ميمڻ جو چوڻ هو ته جوابدارن مختلف وقتن تي ٻنهي نارين کي اغوا ڪرڻ بعد ڪلفٽن بلاڪ ٽو ۾ مسواڙ تي ورتل فليٽ ۾ رکيو هو. اغوا ۾ 5 جوابدار شامل هئا، جن مان ٻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جوابدارن پهريان گاڏيون ڦر به ڪندا هئا، جنهن ۾ هڪ اڳوڻو پوليس آفيسر آغا منصور به شامل آهي، جيڪو ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث رهيو آهي، اهڙين ڪاررواين ۾ ملوث هجڻ تي ئي کيس پوليس مان نيڪالي ڏني وئي هئي، آغا منصور، ذوهيب ۽ مظفر جو ڪرمنل رڪارڊ موجود آهي، انهن جي ٻين ساٿين جو به ڏوهاري سرگرمين جو رڪارڊ موجود آهي، هي ٽولو اغوا، گاڏين جي ڦر ۽ ٻين وارداتن ۾ به ملوث رهيو آهي. سي آءِ اي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي نارين کي اغوا ڪرڻ جو مک ڪردرا آغا منصو آهي، اها سڄي منصوبابندي ان جي ئي هئي، هُو وڏو شاطر دماغ آهي، پوليس مان به سندس ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث هجڻ سبب نيڪالي ڏني وئي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *