Saturday , March 30 2024

دبئي ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ پاڪستانين کي نوٽيس ڏنا پر ڪنهن به جواب نه ڏنو: ايف بي آر چيئرمين

ڪراچي( اصغر آزاد سنڌ سماءَ چار) ايف بي آر ۽ اسٽيٽ بئنڪ پاناما پيپرز ۽ پيرادائيز ليڪس ۾ شامل پاڪستانين بابت جاچ شسروع ڪري ڇڏي آهي، دبئي ۾ سيڙپاڪري ڪندڙ پاڪستانين جا به تفصيل گڏ ڪيا پيا وڃن. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر طارق باجوه چيو آهي ته پيراڊائيز ليڪس ۾ آيل پاڪستانين جي نالن جو جائزو وٺي رهيا آهيون، جنهن جو به نالو سامهون ايندو انهي خلاف جاچ ڪئي ويندي.

آءِ سي آءِ جِي طرفان جاري ڪيل پيراڊائيز ليڪس پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر هلچل مچائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز جو نالو به آهي، ان کان علاوه ٻين پاڪستاني شخصيتن جا نالا به سامهون آيا آهن. گذريل ڏينهن فيڊرل بورڊ آف روينيو پيراڊائيز ليڪس ۾ آيل پاڪستانين جي نالن خلاف جاچ جو اعلان ڪيو هو. اسٽيٽ بئنڪ به ليڪس ۾ آيل پاڪستانين جي نالن خلاف ڪارروائيءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. طارق باجوه چيو آهي ته پيرا ڊائيز ليڪس جي ڊگهي فهرست آهي، جنهن جو جائزو ورتو پيو وڃي ۽ ان ۾ پاڪستانين جي نالن جو جائزو وٺي رهيا آهيون. پيراڊائيز ليڪس ۾ آيل پاڪستانين کي نوٽيس جاري ڪيا ويندا، جنهن پاڪستاني جو نالو آيو آهي، ان خلاف جاچ ڪنداسين.

سندس چوڻ هو ته اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ هو ته پيرا ڊائيز ليڪس ۾ 135 پاڪستانين جا نالا شامل آهن، اهو ڏسنداسين ته اهي پاڪستاني شهري به آهن يا نه. گورنر اسٽيٽ بئنڪ وڌيڪ چيو ته جنهن تي مني لانڊرنگ ذريعي پئسو موڪلڻ جو ڏوهه ثابت ٿيو ته ان خلاف پاڪستاني قانون مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻي طرف سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ايف بي آر دبئي ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ پاڪستانين بابت جاچ شروع ڪئي وئي آهي، ان سلسلي ۾ جن به پاڪستانين جا تفصيل هٿ ڪيا ويا آهن انهن کي نوٽيسز به جاري ڪيا ويا آهن پر انهن اڃا تائين ڪو به جواب ناهي ڏنو

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *