Saturday , April 20 2024

دبئي/قاهره: آمريڪا ۽ سعودي عرب جي دوستي، عرب ملڪن ۾ ڏڦيڙ وجهي ڇڏيو، قطر سان سفارتي لاڳاپا ختم

Saudia & AmericaQatar flag

عرب ملڪن ۾ ڏار پوڻ شروع، سعودي عرب ۽ مصر سميت 6 عرب ملڪن دهشتگردن جي مدد ۽ علائقي کي غير مستحڪم ڪرڻ جو الزام لڳائيندي قطر سان پنهنجا سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، پرڏيهي خابرو اداري موجب سعودي عرب، مصر، گڏيل عرب امارتن، بحرين، لبيا ۽ يمن قطر سان پنهنجا سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، انهن ملڪن الزام هڻندي چيو آهي ته قطر اخوان المسلمون کانسواءِ داعش ۽ ٻين شدت پسند تنظيمن جي حمايت ڪري رهيو آهي، سعودي پريس ايجنسي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته يمن جنگ ۾ سعودي اتحاد ۾ شامل قطر جي فوجي دستن کي واپس اماڻيو ويندو، سعودي حڪومت موجب لاڳاپا ختم ڪرڻ جو فيصلو دهشتگردي بابت خطرن جي ڪري ڪيو ويو آهي، قطر علائقي جي امن ۽ استحڪام کي متاثر ڪرڻ لاءِ داعش ۽ القاعده جهڙن دهشتگرد گروپن ۽ فرقيواراڻن گروپن جي حمايت ڪئي ۽ ميڊيا ذريعي انهن جي پيغامن ۽ اسڪيمن جي مشهوري ڪئي.

سعودي عرب قطر سان پنهنجي سرحد کي به بند ڪندي ٻين اتحادي ملڪن کان به قطر سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي، سعودي عرب قطر سان زميني، فضائي ۽ سامونڊي رابطا ختم ڪري ڇڏيا، سعودي عرب قطر تي ايراني حمايت يافتا شدت پسند گروپن سان اڀرندي علائقن قطيف ۽ بحرين ۾ سهڪار ڪرڻ جو الزام به لڳايو آهي، گڏيل عرب امارتن موجب قطر جا قدم علائقي جي سلامتي کي غير مستحڪم ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن.

گڏيل عرب امارتن قطري سفارتڪارن کي ملڪ ڇڏڻ لاءِ 48 ڪلاڪن جي مهلت ڏني آهي، گڏيل عرب امارتن جي سرڪاري فضائي ڪمپني اتحاد ايئرويز دوها لاءِ سموريون اڏامون روڪڻ جو اعلان ڪيو آهي، گڏيل عرب امارتن موجب سندن ملڪ ۾ رهندڙ سمورن قطري شهرين کي 2 هفتن اندر ملڪ ڇڏڻو پوندو، اسان اهو قدم پنهنجي سيڪيورٽي ۽ احتياط کي نظر ۾ رکندي کنيو آهي، اسان پنهنجن شهرين کي به هدايت ڪئي آهي ته اهي قطر ۾ رهائش، سفر ۽ اتي وڃڻ کان پاسو ڪن، ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر قطر کان گڏيل عرب امارتن طرف ايندڙ ويندڙ سموري ٽرئفڪ بند ڪئي ويندي، ان مقصد لاءِ پنهنجي زميني، فضائي ۽ سامونڊي ٽرئفڪ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسان ملڪي سلامتي کي نظر ۾ رکندي پاڙيسري ملڪن سميت ڪيترن ئي ادارن ۽ ڪمپنين کي به چيو آهي ته هو اسان جي انهن فيصلن کي فوري طور لاڳو ڪرڻ ۾ مدد لاءِ سهڪار فراهم ڪن، قطر هڪ عرصي کان اهڙي راند کيڏي رهيو آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي ذميوارين ۽ ٻن طرفن معاهدن جو ڀرم نه رکيو، جيڪي ان قطري عوام ۽ نار سهڪار ڪائونسل جي رڪن ملڪن جي مفاد ۾ ڪيا آهن، بحرين به الزام هڻندي چيو ته قطر ان جي اندروني مامرن ۾ داخل اندازي ڪري رهيو آهي ۽ ان جي سلامتي کي غير مستحڪم ڪري رهيو آهي، بحرين قطري شهرين کي ملڪ ڇڏڻ لاءِ 14 ڏينهن جڏهن ته سفارتڪارن کي ملڪ ڇڏڻ جي 48 ڪلاڪن جي ڊيڊ لائن ڏئي ڇڏي آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ سامونڊي ۽ فضائي رابطا به ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، بحرين قطر تي ميڊيا تي نفرت پکيڙڻ، ماڻهن کي ڀڙڪائڻ، هٿياربند دهشتگردن جي حمايت ۽ بحرين ۾ انتشار پکيڙڻ لاءِ ايراني گروپن کي فنڊنگ فراهم ڪرڻ جا الزم لڳايا آهن.

UAE

مصر به قطر تي دهشتگرد تنظيمن جي مدد جو الزام لڳايو آهي، مصر جي پرڏيهي وزارت جي بيان موجب قطري جهازن لاءِ ايئرپورٽ ۽ بندرگاهه بند ڪيا ويا آهن، مصر موجب اهو قدم پنهنجي قومي سلامتي تحت کنيو آهي، هوڏانهن اهو واضح نه ٿي سگهيو آهي ته انهن ملڪن جي فضائي پابندين جو قطر ايئر ويز تي اثر ڪهڙي ريت پوندو، ڇاڪاڻ ته قطر ايئر ويز علائقي جي وڏي فضائي ڪمپني آهي، قطر يمن ۾ حوثي باغين خلاف جنگ ۾ پنهنجا جهاز به فراهم ڪيا هئا، ٻئي پاسي آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن چيو آهي ته آمريڪا ڌرين جي پاڻ ۾ ويهي اختلاف ختم ڪرڻ جي عمل جي حوصلا افزائي ڪندو، اسان سمجهون ٿا ته نار سهڪار ڪائونسل متحد رهي، ٻئي پاسي قطر 6 عرب ملڪن طرفان سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ واري فيصلي کي غير منصفاڻو ۽ بي بنياد قرار ڏنو آهي، قطر جي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردن جي حمايت ۽ مدد وارا الزام غلط آهن، ان تي افسوس ٿيو آهي، اهو فيصلو قطري عوام ۽ ملڪ ۾ رهندڙ ٻين ماڻهن جي زندگين تي اثرانداز نه ٿيندو، قطر سعودي عرب لاءِ اڏامون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن، واضح رهي ته سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ جو اعلان ڄاڻايل 6 ملڪن طرفان قطري نيوز ويب سائيٽس بلاڪ ڪرڻ جي واقعي جي 2 هفتن کانپوءِ ڪيو ويو آهي، اهي ويب سائيٽس قطري امير تميم بن حمد الثاني جي انهن بيانن جي آن لائين نشر ٿيڻ کانپوءِ بلاڪ ڪيون ويون هيون، جن ۾ ان سعودي عرب تي ڇتي تنقيد ڪئي هئي، قطري حڪومت انهن بيانن کي جعلي قرار ڏنو هو ۽ ان کي شرمناڪ ڏوهه قرار ڏنو هو، نار وارن ملڪن مشهور سيٽلائيٽ نيوز نيٽ ورڪ الجزيره سميت قطري ميڊيا تي پابندي لڳائي هئي، هوڏانهن قطري ڪابينا چيو آهي ته قطر سان لاڳاپا ٽوڙڻ وارو فيصلو سمجهه ۾ نه ايندڙ آهي، ٽن ملڪن لاڳاپا ختم ڪرڻ کان اڳ پروپئگنڊا ڪئي، فيصلي جو مقصد قطر تي دٻاءُ ذريعي مراعتون حاصل ڪرڻ آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عالمي برادري جو ساٿ ڏيندا رهنداسين.

About Asghar Azad

Check Also

نيٺ طالبان محمد حسن اخوند جي سربراهي ۾ حڪومت جوڙي ورتي

طالبان جي اڳوڻي باني امير ملا عمر جو پٽ  ۽ فوجي آپريشن جو سربراهه ملا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *