Thursday , April 18 2024

دادو ۾ تعليم کاتي جي غير حاضر آفيسرز ۽ استادن خلاف وٺ پڪڙ،ڊپٽي ڊائريڪٽرگرفتار،لاڪ اپ حوالي

ڪراچي ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج دادو جي هدايتن تي گورنمينٽ لال شهباز اسپيشل ايجوڪيشن سروس ۽ گورنمينٽ سروس سينٽر فار بلائينڊ تي ڇاپي دوران غير حاضر رهندڙ ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ استادن سميت 15 ٻين ملازمن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. دادو جي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس  گورنمينٽ لال شهباز اسپيشل ايجوڪيشن سروس ۽ گورنمينٽ سروس سينٽر فار بلائينڊ جو اوچتو دورو ڪيو هو ۽ غير حاضر عملي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي حڪم ڏنو هو ته انچارج منير احمد ڏهوٽ سميت سمورن غير حاضر استادن ۽ ٻين ملازمن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. جنهن بعد ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي. اکاري واري ڏينهن منير ڏهوٽ جيئن ئي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ دادو جي احاطي ۾ پهتو ته پوليس کيس گرفتار ڪري لاڪ اپ حوالي ڪري ڇڏيو.

ان کان اڳ سيشن جج دادو اشوڪ ڪمار جي حڪم تي دادو شهر جي گورنمينٽ لال شهباز اسپيشل ايجوڪيشن سروس ۽ گورنمينٽ سروس سينٽر فار بلائينڊ جي دورو ڪيو هو. اتي مقرر 15 ملازم جن ۾ انچارج سميت 2 فيميل ٽيچرس، استاد ۽ ڪلارڪ عملو غير حاضر هو. سيشسن جج جي حڪم تي عدالتي ڇاپي دوران غير حاضر ڊپٽي ڊائريڪٽر، انچارج ۽ ٻين خلاف دادو جي اي سيڪشن ٿاڻي تي گناهه نمبر 269/2017 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو. جنهن ۾ فريادي ڪورٽ ملازم ريڊر سيڪنڊ سول جج دادو فدا حسين ڏاوڇ جي فرياد تي داخل ڪيل ڪيس ۾ نامزد ڪيل جوابدارن مان پوليس انسٽيٽيوٽ جي انچارج ڊپٽي ڊائريڪٽر منير احمد ڏهوٽ کي ڪورٽ مان گرفتار ڪيو.پوليس جي ڪارروائي دوران ٻيا سمورا  جوابدار ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. سيشن جج دادو گورنمينٽ لال شهباز اسپيشل ايجوڪيشن سروس ۽ گورنمينٽ سروس سينٽر فار بلائينڊ جو اوچتو دورو ڪيو هو ۽ غير حاضر عملي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي حڪم ڏنو هو. سيشسن جج انچارج منير احمد ڏهوٽ عدالت ۾ حاضر ٿيڻ جي به هدايت ڪئي هئي پر هُو عدالت آڏو پيشس نه ٿيو هو. سيشن جج ٻيهر ساڳئي سينٽرن جو دورو ڪيو ۽ گورنمينٽ لال شهباز اسپيشل ايجوڪيشن سروس ۽ گورنمينٽ سروس سينٽر فار بلائينڊ بابت سموري معلومات وٺڻ کانپوءِ غير حاضر عملي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. سيشسن جج جي حڪم تي ئي منير احمد ڏهوٽ کي عدالت مان گرفتار ڪيو ويو. ايف آءِ آر ۾ شامل جوابدارن ۾ طيبيه رفيق، مس مهوش، شهباز شيخ، جمال الدين، حبيب الرحمان، ممتاز علي، سلمان بلوچ، علي نواز عالماڻي، گل محمد، زاهد حسين، لياقت علي شيخ، ارشاد مگسي، طارق عزيز، عبدالستار مگسي به شامل آهن. جيڪي گرفتاري جي خوف کان ڀڄي ويا. پوليس موجب جوابدارن جو چالان دهشتگردي ڪورٽ نوشهرو فيروز ۾ پيش ڪيو ويندو، اهڙي ايف آءِ آر کان پوءِ جوابدارن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *