Friday , March 29 2024

دادو پوليس جو 13ڏينهن اڳ ڪيل مقابلو شڪي بڻجي ويو، عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

ڪنڌڪوٽ/ڪشمور(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) لڳ ڀڳ ٻه هفتا اڳ دادو جي فريد آباد پوليس پاران شڪي پوليس مقابلي ۾ غوثپور واسي ٻن ڄڻن کي ڏوهاري ڄاڻائي مارڻ واري معاملي نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي، استاد عبدالفتاح اوڳاهي ۽ شهزادو ڀيو جي پوليس مقابلي ۾ مارڻ واري دعويٰ واري ڏينهن کان اڳ سندن گرفتاري واري هڪ تصوير سامهون اچي وئي آهي. تصوير ۾ مخدوم بلاول پوليس پاران عبدالفتاح اوڳاهي، شهزادو ڀيو ۽ هزارو ۽ مخدوم بلاول پوليس جي ايس ايڇ او پويان بيٺل نظر اچي رهيا آهن، ايس ايس پي دادو تنوير تنيو عبدالفتاح اوڳاهي ۽ شهزادو ڀيو کي ڏوهاري قرار ڏيندي دعويٰ ڪئي هئي ته ٻئي ڏوهاري فريد آباد پوليس ۽ سي آءِ اي پوليس دادو سان مقابلي ۾ مارجي ويا.

غوثپور واسي پرائمري استاد سميت ٻن ڄڻن جي فريد آباد پوليس هٿان مبينا مقابلي ۾ مارجڻ وارو معاملو ڊرامائي رخ اختيار ڪري ويو، ٻنهي ڄڻن کي پوليس پاران گرفتار ڪرڻ واري تصوير به منظر عام تي اچي وئي. فريد آباد پوليس هٿان 9 سيپٽمبر تي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل پرائمري استاد فتاح اوڳاهي ۽ شهزادو ڀيو جي گرفتاري واري تصوير منظرعام تي اچي وئي آهي. تصوير ۾ فريد آباد پوليس سان مبينا مقابلي ۾ مارجڻ کان اڳ پرائمري استاد عبدالفتاح اوڳاهي، شهزادو ڀيو ۽ هزارو اوڳاهي مخدوم بلاول ٿاڻي جي ايس ايڇ او پويان بيٺل نظر اچي رهيا آهن. تصوير جي منظر عام تي اچڻ کانپوءِ پوليس جي اها دعويٰ ڪوڙي ثابت ٿي وئي آهي ته ٻنهي ڄڻن کي پوليس سان مقابلي دوران ماريو ويو هو.جڙتو پوليس مقابلي ۾ ڏوهاري ڄاڻائي ماريل ٻنهي ڄڻن جي تصوير منظر عام تي اچڻ ۽ مارجي ويلن جي وارثن پاران عدالت سان رجوع ڪرڻ بعد پوليس گم ڪيل اهلڪار هزارو خان اوڳاهي جـِي گرفتاري ظاهر ڪندي کيس چرس جي ڪيس ۾ چالان ڪرڻ بعد ڊسٽرڪٽ جيل دادو اماڻي ڇڏيو آهي.

پرائمري استاد فتاح اوڳاهي ۽ شهزادو ڀيو جي شڪي پوليس مقابلي ۾ مارجڻ کي دادو جي ايس ايس پي تنوير تنيو به پوليس مقابلو قرار ڏنو هو. تنوير تنيو مارجي ويل ٻنهي ڄڻن کي ڏوهاري قرار پڻ ڏنو هو. معاملي جون ميڊيا تي خبرون اچڻ باوجود آءِ جي سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام به اڃاتائين نوٽيس ناهي ورتو.

ٿرڙي محبت ٿاڻي جي پوليس اهو ظاهر نه ڪيو آهي ته اهلڪار هزارو خان کي ڪٿان ۽ ڪڏهن گرفتار ڪيو ويو هو. مارجي ويل ٻنهي ڄڻن جي وارثن چيو آهي ته هزارو اوڳاهي مبينا مقابلي جو اڪيلو اکين ڏٺو شاهد آهي، خدشو آهي ته پوليس کيس ڪوڙي مقابلي ۾ ماري ڇڏيندي. هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائي ذميوار اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *