Thursday , March 28 2024

خيرپور ۾ رند ڳوٺ جي رهواسين جو پوليس جي آزارن خلاف احتجاج

خيرپور (رپورٽر   سنڌسماءَچار)  خيرپور جي پوليس خلاف رند ڳوٺ جي رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته پوليس سندن ڳوٺ تي بنا جواز جي ڇاپا هڻي سندن جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. خيرپور ۾ ڳوٺاڻن پوليس جي مبينا زيادتين ۽ نوجوان کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڳوٺ رند جي رهواسين ليمون رند، زبيده رند، حفيظان رند، راڻي نجما رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙن چيو ته پوليس مخالفن جي چوڻ تي روزانو گهرن تي چڙهايون ڪري جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. هنن چيو ته پوليس گذريل ڏينهن گهرن تي بنا جواز چڙهائي ڪري هڪ ڄڻي اسماعيل رند کي گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو ڪٿي به ڏس پتو نه پيو ملي. هنن مطالبو ڪيو ته پوليس زيادتين جو نوٽيس وٺي گرفتار ڪيل ڳوٺاڻي کي آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *