Saturday , April 20 2024

خيرپور پوليس رمشا وساڻ جي قتل جو مک جوابدار گرفتار نه ڪرڻ ۾ ناڪام

ٺري ميرواهه/ ڪوٽڏيجي(رپورٽرز سنڌسماءَچار) ڪنب ويجهو اغوا بعد موٽائي قتل ڪيل ناري رمشا وساڻ جي ڪيس ۾ نامزد مُک جوابدار ذوالفقار وساڻ اڃا گرفتار نه ٿيو، پوليس ڳوٺ پير گڊو ۽ نواب وساڻ ۾ ڇاپا هڻي 15 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، ايس ايس پي عمر طفيل دعويٰ ڪئي آهي ته گرفتار ڪيلن ۾ رمشا جي قتل ۾ مک جوابدار جا 3 سهولتڪار به شامل آهن، رمشا کي ذوالفقار وساڻ اغوا نه پر قتل ڪيو هو. خيرپور پوليس نياڻي رمشا وساڻ جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار زلو وساڻ کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. مک جوابدار ذوالفقار وساڻ 4 ڏينهن گذرڻ کانپوءِ به گرفتار نه ٿي سگهيو آهي ۽ پوليس مک جوابدار جي ساٿارين تائين به نه پهچي سگهي آهي.

جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي ڊي ايس پي ۽ جاچ پوليس بدران معاملي کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ ايس ايس پي ڪنب ٿاڻي جي اسٽيشن هائوس آفيسر / ايس ايڇ او شوڪت رند کي بدلي ڪري سندس جاءِ تي لالا امين پٺاڻ کي نئون ايس ايڇ او مقرر ڪيو ويو آهي. هڪ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل چيو ته، ڳوٺ پير گڊو ۽ نواب وساڻ ۾ ڇاپا هڻي وڌيڪ 15 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، انهن ۾ رمشا جي قتل ۾ مک جوابدار جا 3 سهولتڪار به شامل آهن. ايس ايس پي دعويٰ ڪئي آهي ته قتل ڪيس جو مک جوابدار ذوالفقار وساڻ رمشا کي اغوا نه ڪيو هو پر هُن رمشا جي گهر ۾ داخل ٿي کيس قتل ڪيو هو. ٻئي پاسي رمشا جي قتل ۽ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف سول سوسائٽي حيدرآباد، سکر، ميرپور خاص، دادو، فيض گنج ۾ احتجاجي مظاهر ڪيا آهن، شهدادپور ۾ وڪيلن پاران عدالتي ڪاروائي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *