Friday , March 29 2024

خيرپور مان پابندي مڙهيل تنظيم سان لاڳاپن جي شڪ ۾ گرفتار

Nahed Kehar

   گرفتار ڪيل ناهيد ڪيهر

خيرپور(سنڌسماءَچار نيوز) قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڊائيوو بس تي ڇاپو هڻي هڪ عورت کي  گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. گرفتار ڪيل عورت ناهيد ڪيهر 3 مهينا اڳ پسند جو پرڻو ڪرڻ لاءِ گهران نڪري وئي هئي، جنهن پنجاب جي ايبٽ آباد واسي پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيم جي هڪ اهم ذميوار سان شادي ڪري ڇڏي هئي، واپس ڳوٺ ايندي کيس گرفترار ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي خيرپور جو چوڻ آحي ته عورت کي گرفتار ڪري کائنس پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

Babar loi

ٻٻرلوءِ باءِ پاس

سنڌ سماءَ چار کي مليل ڄاڻ موجب خيرپور ميرس شهر جي پاڙي علي رضا آباد ٿلهي جي رهواسڻ نوجوان ناري ناهيد ڪيهر ولد اورنگزيب ڪيهر 3 مهينا اڳ گهران نڪري وئي هئي. جنهن  ايبٽ آباد ۾ وڃي هڪ شخص مولوي محمد سليم گجر سان پرڻو ڪري ڇڏيو هو. ذريعن جي دعويٰ مطابق ڪوٽ ڪالا واسي محمد سليم گجر جو واسطو پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيم سان آهي. ناري ناهيد ڪيهر شادي ڪرڻ جي لڳ ڀڳ هڪ مهينواڳ وارثن سان رابطو ڪري شادي جي ڳالهه ٻڌائي، جنهن بعد وارثن سندس شادي کي قبول ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ناري ناهيد ڪيهر وارثن کي شادي جو نڪاح نامون به اماڻيو هو.

Azfar Mahesar SSP Khairpur

ان سلسلي ۾ ايس ايس پي خيرپور اظفر مهيسر جو چوڻ آهي ته اڱاري واري ڏينهن ناهيد ڳوٺ اچي رهي هئي ته ان جو اطلاع ملي ويو هو، جيئن ئي هوءَ ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ پهتي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن، خيرپور پوليس ۽ن رينجرز اهلڪارن کيس سوگهو ڪري ورتو ۽ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. ايس ايس پي موجب ناهيد ڪيهر کان پڇاڳاڇا لاءِ سينئر آفيسرز تي ٻڌل هڪ ٽيم جوڙي آهي جنهن ۾ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار به شامل آهن. ناهيد ڪيهر کان پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي. جاچ ۾ جيڪا به اڳڀرائي ٿيندي ان بابت ميڊيا کي ٻڌايو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *